22 پیر , اکتوبر 2018

جنهن نظام جو ڍانچو ڪوڙ ۽ بدديانتي تي ٻڌل هجي اهو اڳتي ڪيئن وڌندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ڪوڙ چوٽ تي آهي، جنهن نظام جو ڍانچو ڪوڙ ۽ بدديانتي تي ٻڌل هوندو اُهو ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ملڪ خوش نصيب ماڻهن کي ملندو آهي، وڏا بدنصيب هوندا آهن اُهي ماڻهو جن وٽ پنهنجو يا قوم ناهي هوندي، پاڪستان وڏين قربانين کان پوءِ حاصل ٿيو هي اسان کي خيرات يا تحفي ۾ ناهي مليو، هن ملڪ کي حاصل ڪرڻ پٺيان تحريڪ آهي جنهن ۾ وڏيون قربانيون شامل آهن اسان کي پنهنجو اندر ڏسڻو آهي ته ڇا اسان هن ملڪ جي قدر ڪري رهيا آهيون؟ هي ملڪ اسان جي لاءِ الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. ميان ثاقب نثار چيو ته جنهن نظام جو ڍانچو ڪوڙ ۽ بدديانتي تي ٻڌل هجي اُهو ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو؟ اسان جي معاشري ۾ ڪوڙ چوٽ تي آهي، جڏهن پهريون ڀيرو ” بابا رحمتي“ جو ذڪر ڪيو ته ماڻهن ٺٺول ڪئي پر اصل ۾ بابا رحمتي جو معاشري ۾ ڪردار هڪ منصف جو هو. چيف جسٽس چيو ته جج جي پوري ذميواري انصاف جي موجب فيصلو ڪرڻ آهي رياستي عهدي ۾ سڀ کان وڌيڪ پگهار جج کڻندا آهن ته پوءِ اسان کي ئي پنهنجي اندر ڏسڻو آهي ته ڇا اسان ايترن پيسن جو ڪم ڪري ويندا آهيون؟ ڇا اِها نا انصافي ناهي جو جج ايترا ڏينهن ڪيسن جو شنوايون ناهن ڪندا، ڪيس ججن وٽ ٻڌڻي هيٺ رهندا آهن جيڪڏهن جج پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندو ته دير ٿيندي ۽ ماڻهن جو اعتماد ۽ ڀورو ٽٽي پوندو. چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ شهرين کي بنيادي حق ميسر ناهن، ڇا اسپتالن ۾ ايمرجنسي ۾ علاج جا بنيادي حق ملي رهيا آهن؟ ڇا منرل واٽر جي اندر ڪيلشيئم ۽ ميگنيشئم پوري مقدار ۾ آهي؟ اڄ منشا بم جهڙا ماڻهو ملڪيتن تي قبضا ڪري ويندا آهن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته رياست کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ عدالت ايڪشن وٺندي آهي، عدالتن ۾ ڪيسن جو بار وڌي ويو آهي، اسنا نئين سسٽم کي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهيون، سمورين هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس وڌيڪ هيٺين سطح تي ويندا ۽ جج ڪيسن جون تاريخون گهٽ ڪندا، اي ڊي آر ڪي سسٽم کي سليبس جو حصو بڻايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو جوهري معاهدي تان هٿ کڻن خطرناڪ آهي: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي نائب پرڏيهي وزير سيرگئي ريابڪوف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے