22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي: شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

مومل جي ماڙي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي پاران يوسي ۾ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڀٽائي چوڪ تي مهراڻ سنڌي، ڪامريڊ لياقت ۽ قربان بوزدار سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين يوسي ٻيرڙي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ  ۽ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو.

شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن الزام هنيو ته يوسي جي نمائندن يوسي جي ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪري يوسي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لياقت آرائين يوسي جي ترقي لاءِ ملندڙ اسڪيمون پنهنجي ڳوٺ کڻائي صرف پنهنجا نواز پاليسي استعمال ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته يوسي جي 5 لک رپيا بجيٽ به ڪيترن سالن کان گم آهي، جنهن خلاف هو 16 ڏينهن کان سراپا احتجاج  آهن، پر اتنظاميه تي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

سندن چوڻ هو ته سومر ڏهاڙي هو يوسي جي ڪرپٽ نمائندن خلاف نيب،  ايف آءِ اي،  اينٽي ڪرپشن ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ درخواستون جمع ڪرائيندا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوسي ٻيرڙي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملوث نمائندن خلاف ڪارروائي ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے