22 پیر , اکتوبر 2018

نيب طرفان خواجا سعد ۽ سلمان رفيق جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ خواجا سلمان رفيق جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ پنجاب جي اڳوڻي صحت واري وزير سلمان رفيق جي خلاف پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي. نيب خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي پهرين ئي درخواست ڏئي چڪي آهي. نيب لاهور طرفان پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ کي هڪ خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي نيب ٻنهي ڀائرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب به ڪري رکيو آهي. نيب لاهور خواجا سعد رفيق کي ٻاهر طلب ڪيو پر هو حاضر نه ٿيو. نيب لاهور خواجا سعد رفيق کي 16 آڪٽوبر تي ٽيون ڀيرو طلب ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے