22 پیر , اکتوبر 2018

وزير اعظم عمران خان جو ڪوئيٽا ۾ ڪينسر اسپتال بڻائڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڪوئيٽا شهر ۾ ڪينسر اسپتال بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعظم چيو ته حڪومت زمين ڏئي رهي آهي، هاڻ ڪوئيٽا ۾ اسپتال بڻائينداسين. هن چيو وڏي صوبي ۾ ترقي ڏکيو ڪم آهي، جنهن جو واحد حل مڪاني نظام آهي، اهو ئي مسئلي جو حل آهي. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ جو وڏو روزگار پروگرام ڪري رهيا آهيون، پاڻي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي جنهن تي ٽاسڪ فورس بڻائي وئي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ وارا وڻ پوکڻ جو ارادو آهي، پاڪستان ۾ راندين جا ميدان بڻائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد بلوچستان معدني ذخيرن جو وڏو ڳڙهه آهي، بلوچستان ۾ 4 معدنيات جي ملايت 460 ارب ڊالر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے