20 ہفتہ , اپریل 2019

عمران خان کي اسد عمر تي مڪمل اعتماد آهي، ناراضگي بابت خبرون ڪوڙيون آهن: وزير اعظم جو ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي ترجمان انهن سمورين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب عمران خان ناڻي جي ڪارڪردگي کان ناراض آهي. وزير اعظم عمران خان جي ترجمان افتخار دراني موجب وزير اعظم کي اسد عمر جي صلاحيتن تي اعتماد آهي. ترجمان ان نوعيت جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته وزير اعظم جو ناڻي واري وزير بابت بيان ڪوڙو آهي. ترجمان موجب ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ وزير اعظم سان منسوب بيان غلط آهي، وزير اعظم ناڻي واري وزير جي ڪارڪردگي تي ان قسم جي خيالن جو اظهار ناهي ڪيو. هن چيو ته ناڻي وارو وزير وزير اعظم جو ويجهو ساٿي ۽ پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آهي، اسد عمر ملڪي معيشت جي معاملن سان پوري طرح واقف آهي ۽ سندس صلاحيتن تي اعتبار ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے