16 منگل , اکتوبر 2018

شهريار آفريدي وزير بڻجندي ئي گهر جي مرمت تي لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير شهريار آفريدي وزير بڻجندي ئي پنهنجي گهر جي سينگار تي لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا. مملڪتي وزير منسٽرز ڪالوني شفٽ ٿيندي ئي سڀ کان پهرين پنهنجي گهر کان تبديلي جي شروعات ڪئي ۽ گهر جون ٽائلون، پردا، فرنيچر، اي سي، ايل سي ڊي ۽ ڪچن اليڪٽرانڪس جو سامان تبديل ڪرايو. سرڪاري گهر ۾ تبديلي آڻڻ جي ان سموري ڪم دوران لکين رپين جي ادائيگي لاءِ چيف ڪمشنر اسلام آباد جودت اياز کي حڪم ڏنو ويو جنهن مال کاتي جي پٽوارين ۽ ٻين آفيسرن کان ادائيگيون ڪرايون. ضلعي انتظاميا جي آفيسرن جو جيڪو نگران سيٽ اپ ۾ اسلام آباد ۾ مقرر هو، اُهو ڪم جي پاڻ نگراني به ڪندو رهيو ۽ مملڪتي وزير جي قربت به حاصل ڪئي. ذريعن موجب تفصيل منظر تي اچڻ بعد وزير اعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي جي خلاف وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشارت شهزاد معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي جن ان ضمن ۾ ٻه بيان به ريڪارڊ ڪري ورتا آهن. ٻئي پاسي خبر سامهون اچڻ بعد مملڪتي وزير موقف اختيار ڪيو ته سندس گهر تي 4 لک رپين جو ڪم ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے