16 منگل , اکتوبر 2018

ايس بي سي اي ۾ مقررين تي جاچ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم سنڌ ۾ عمارتن جي نگران اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۾ ڪيل مقررين ۽ ترقين تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب چيئرمين امير هاني مسلم جي هدايت تي 2011ع کان وٺي 2015ع تائين ٿيل سمورين مقرريون ۽ ترقيون جاچ ۾ شامل ڪيون وينو آهن جڏهن ته ٻئي پاسي اطلاع به آهن ته چيئرمين واٽر ڪميشن اداري جي ملازمن جي شڪايت کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ ايس بي سي اي ۾ مقررين تي اداري جي ملازمن طرفان سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين جي نالي درخواست موڪلي هئي. جنهن ۾ ايس بي سي اي جي ملازمن چيئرمين امير هاني مسلم کي اداري ۾ ٿيل مقررين ۽ ترقين جي پٺيان سياسي ۽ مفادن بابت آگاهه ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے