11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ تقريبا 45 هزار ماڻهو ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 2015ع تائين 8 هزار 58 هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊز جي مريضن جي شرح ۾ 3.8 کان وڌيڪ 7.17 تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا خطرناڪ آهي، ان حوالي سان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر يونس چاچڙ جو چوڻ هو ته ايڊز کان متاثر ماڻهن کي فوري طبي امداد ڏئي رهيا آهيون، سندس چوڻ موجب حڪومت ايڊز کان اڳ واٽ ئي بچاءُ وارا پروگرام شروع ڪري رهي آهي، جڏهن ته مريضن جي علاج لاءِ سول اسپتال لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ۾ سينٽر ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته ان کان سواءِ سنڌ جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ پڻ تقريبن ست ننڍا ننڍا يونٽ قائم ڪيا ويندا. ڊاڪٽر يونس جو چوڻ آهي ته ايڊز کان بچاءَ لاءِ قانون سازي پڻ ڪري رهيا آهيون.

سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن ۾ واڌ جو اندازو ان مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته سڄي پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 80 هزار کان هڪ لک تائين آهي جن مان تقريبا 45 هزار مريض سنڌ ۾ آهن، مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ موجود مريضن مان ڪي 45 سيڪڙو مريض سنڌ ۾ آهن. سنڌ ۾ ايدز جي مريضن جي حوالي سان ڪراچي پهرين نمبر تي، لاڙڪاڻو ٻئي نمبر تي، حيدرآباد ٽئين نمبر تي ۽ دادو چوٿين نمبر تي آهي، باقي شهرن ۾ پڻ ايڊز جي مريضن جو انگ ڳڻتيءَ جي حالتن کان به گهڻو آهي.

سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جي بحاليءَ ۽ انهن جي علاج جي حوالي سان مليل معلومات موجب سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جون 46 ايس ٽي آءِ ڪلينڪون فنڪشنل ٿيڻ بجاءِ بند پيون آهن جنهن ڪري ڪروڙين روپين جي سالياني بجيٽ صرف ڪاغذي ڪاررواين ۾ گم ٿيڻ لڳي آهي، ايڊز متعلق آگاهيءَ جا پروگرام پڻ غير موثر ثابت ٿيندا رهيا آهن، مجموعي طور تي سنڌ ۾ ايڊز تي ضابطي آڻن لاءِ جيڪي به ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، انهن جو ڪو هڙ حاصل نه ٿيو آهي ۽ نتيجي ۾ ايڊز جو مرض وڌندو رهي ٿو.

سنڌ ۾ نه صرف ايڊز پر ان سان گڏ هيپاٽائيٽس، اي، بي ۽ سي پڻ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، ان سان گڏ پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ ڪري گردن، پتي ۽ جگر جي خطرناڪ بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، مجموعي طور تي سنڌ اندر ايدز، هيپاٽائيٽس، گردن، ۽ جيري جي انيڪ بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ روزانو واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هاڻي سنڌ جي شهرن ۾ اها ڳالهه جهڙوڪر معمول بڻجندي پئي وڃي ته روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ ايڊز، هيپاٽائيٽس،گردن ۽ جگر جي بيمارين ۾ ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع ملڻ عام آهي.

اسان هتي سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن ۾ ٿيندڙ اضافي واري انتهائي تشويش ناڪ صورتحال تي نه صرف ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون پر ان سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن انهن جو پڻ جائزو وٺن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پر اسان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جيڪا صورتحال اسان جي سامهو آئي آهي اها انتهائي خطرناڪ آهي، ايتري خطرناڪ آهي جو ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ آباديءَ جو مرڻ ائين عام ٿي ويندو جيئن پولٽري فارم ڪنهن وبائي بيماريءَ سبب فارمي ڪڪڙن جو مرڻ عام هوندو آهي، انسانن جي حوالي سان اهڙي نموني فوتگين جو ٿيڻ انتهائي خطرناڪ هوندو.

انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ڪوششن سان انهن بيمارين جي حوالي سان جيڪا حڪومت جي حفاظتي اپائن يا طبي انتظامن متعلق معلومات ملي آهي اها پڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، سرڪاري سطح تي جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن اهي جهڙوڪر نه هجڻ جي برابر آهن، انهن ڪوششن لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين روپيا مخصوص ڪرڻ بعد به نه ته انهن بيمارين خاص ڪري ايدز تي ضابطو اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي انهن جي علاج سان ڪو معاشري ۾ صحت مند لاڙو ڏسڻ ۾ آيو آهي.

سوال هي نه آهي ته سنڌ ۾ ايڊز خطرناڪ نموني وڌي رهي آهي، هيپاٽائيٽس خطرناڪ نموني وڌي رهي آهي، ان متعلق ڇا ٿيڻ گهرجي پر اسين سمجهون ٿا ته سڀ کان پهريان سوال هي آهي ته سنڌ جو معاشرو اهڙي بدترين نموني بيمار ڇو ٿي رهيو آهي، مريضن جو علاج بهتر ڳالهه آهي پر اصل مسئلو مرض جي پيدا ٿيڻ جو آهي، پر اسان جي ته بدقسمتي اها آهي جو نه ته مريضن جو علاج ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري مرض جي پيدا ٿيڻ جا سبب ۽ محرڪ ڳولي انهن کي ختم ڪرڻ جون ڪي عملي ۽ سنجيده ڪوششون ٿين ٿيون، نتيجي ۾ هاڻي فردن بجاءِ سڄو معاشرو بيمار ٿي رهيو آهي.

اسان ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي ٻين گذارشن ڪرڻ سان گڏ اهو عرض پهريان ڪنداسين ته هن وقت سنڌ ۾ ترجيحي بنيادن تي جيڪي ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جا مريض موجود آهن، انهن جي باضابطه نموني رڪارڊ بندي ڪرائي وڃي ۽ ٻئي مرحلي ۾ انهن مريضن جو باقاعده علاج ڪرايو وڃي ۽ ان سان گڏگڏ انهن مرضن جي پيدا ٿيڻ جا سمورا سبب ۽ محرڪ پڻ ڳولي انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن وڌيڪ مريض پيدا نه ٿين ۽ معاشرو صحت مند رهي.

ڇنڇر 13 آڪٽوبر 2018ع، 3 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے