23 بدھ , جنوری 2019

نيوز:کوسڪي : ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر خلاف احتجاج

کوسڪي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر جي مبينا بدعنواني خلاف ڇهين ڏينهن به شهري اتحاد ۽ ايس ٽي پي جي سڏ تي  بک هڙتال ڪئي وئي.

 ٽائون ڪميٽي جي چيئيرمين خلاف ستار ٻرڙو، عمران کوسو، اڪبر ڀوت، حاجي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي  چيو ته ميونسپل چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ويا آهن.

هنن چيو تھ  ٽائون چيئرمين وارڊ نمبرهڪ ۽ ٻه جي رهواسين کي شهرن کان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

 هنن نيب  کان مطالبو ڪيو ته ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو  ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون : اٺن جي سوار الاهي بخش چنو جي چوٿين ورسي تي سوارن ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

سڳيون ڀرسان درگاھ سيد عالم شاھ بخاري تي مشهور اٺن جي سوار الاهي بخش چنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے