14 جمعہ , دسمبر 2018

اسحاق ڊار جي وطن واپسي بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي وطن واپسي بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ناڻي واري وزير جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪندي، ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري جي ڏينهن ٿيندي. واضح رهي ته اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي لاءِ پرڏيهي وزارت برطانوي هاءِ ڪميشن کي خط لکيو هو.  پرڏيهي وزارت اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي بابت برطانوي جواب کان سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے