11 منگل , دسمبر 2018

بالي ووڊ جو بگ بي به جنسي هراسمينٽ جي الزام کان نه بچي سگهيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاب بچن به جنسي هراساني جي الزام جي وڪڙ ۾ اچي ويو. بالي ووڊ ۾ هلندڙ ڏينهن دوران ” مي ٽو“ جي مهم زور شور سان جاري آهي ۽ وڏن وڏن اداڪارن ۽ هدايت ڪارن تي جنسي هراساني جو الزام لڳي چڪو آهي. نانا پاٽيڪر کان شروع ٿيل سلسلو اداڪار الوڪ ناٿ، هدايت ڪار وڪاس ڀل ۽ ساجد خان کان ٿيندو اميتاب بچن تائين پهچي ويو. بالي ووڊ جي اداڪار سلمان خان جي مشهور ريئلٽي شو ” بگ باس“ جي ڇهين سيزن ۾ شريڪ ٿيل هير اسٽائلسٽ سپتا موتي ڀوناڻي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اميتاب بچن جو ” مي ٽو“ جي حمايت ڪرڻ هن وقت جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي. هن چيو ته هاڻ فلم ” پنڪ“ ريليز ٿي ۽ ختم به ٿي وئي ۽ جلد ئي توهان جو سماجي ڪارڪن بڻجڻ وارو تاثر به ختم ٿي ويندو ۽ توهان جي حقيقت جدل سامهون ايندي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته مون اميتاب بچن جي جنسي زيادتين جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌيون آهن مون کي اميد آهي ته متاثر عورتون سامهون اينديون ڇو ته اميتاب بچن جي مفاقفت گهٽي ٿڪائيندڙ آهي. هيئر اسٽائلسٽ جي ٽوئيٽن بعد سوشل ميڊيا مٿس ڇتي تنقيد ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے