18 اتوار , نومبر 2018

ملڪ جي معاشي بدحاليءَ جي ذميوارن جو تعين…

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ اها ڳالهه وڏي اعتماد سان پئي ڪئي آهي ته ملڪ جي معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ کان پهريان ۽ سڀ کان اهم قدم کنيا ويندا ۽ ڪوشش اها ڪئي ويندي ته ملڪ کي جيڪي مالي مسئلا درپيش آهن انهن کي ۽ ملڪ جي معاشي بحران کي ملڪي وسيلن سان منهن ڏنو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ قرض نه کنيو ويندو. تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اهي ڳالهيون انتهائي اعتماد سان ڪندا رهيا آهن پر پوءِ آهستي آهستي جهڙوڪر صورتحال جي سنگيني ظاهر ٿيندي وئي ۽ تحريڪ انصاف جي دعوائن جي سچائي به پڌري ٿيندي وئي، هاڻي صورتحال اهو ٻڌائي رهي آهي ته ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ واري سموري ڳالهه جهڙوڪر تحريڪ انصاف جي هٿن مان نڪري چڪي آهي ۽ بال وڃي آءِ ايم ايف جي ڪورٽ ۾ ڪريو آهي، اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

پر انهيءَ سموري صورتحال دوران هڪ اهڙي پيش قدمي پڻ ٿي آهي جيڪا غير روايتي آهي، سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪ جي معيشت هن وقت جنهن بدحاليءَ واري منزل تي پهتي آهي ان جا سبب ڄاڻڻ لاءِ حڪومت هڪ گڏيل پارلياماني ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا معيشت جي بدحاليءَ لاءِ ذميوار ماڻهن ۽ بدحاليءَ جي سببن کي معلوم ڪرڻ لاءِ جانچ ڪندي. هُن وڌيڪ چيو ته انهيءَ ڏس ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو جنهن لاءِ وزير اعظم پارليامينٽ سان رابطو ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون آهن. اطلاعن موجب اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌريءَ اهڙو ٺهراءُ قومي اسميبليءَ ۾ پيش ڪندو جنهن بعد ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو ۽ ڪميشن کي هڪ مهيني جي مهلت ڏني ويندي ته جانچ ڪري ملڪ جي معيشت کي هن بدحاليءَ جي منزل تي پهچائيندڙ ماڻهن ۽ سببن جو تعين ڪري. فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جڏهن به ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي ته جمهوريت کي خطرو درپيش ٿي وڃي ٿو، پرويز مشرف جي دور ۾ قرض 6 هزار ارب رپيا هيو، ملڪ ۾ جمهوريت آئي ته قرض 6 هزار اربن کان وڌي 28 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.

ملڪ تي چڙهيل پرڏيهي قرضن جي بار جي سنگينيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگجهي ٿو ته 2018ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ ملڪ تي 95097 ملين ڊالرن جو قرض واجب الادا هيو جيڪو  2018ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ 91761 ملين ڊالرن تي پهتل هيو. پاڪستان تي واجب الادا پرڏيهي قرض 2002ع کان 2018 ع تائين مسلسل وڌندا پئي رهيا آهن. پاڪستان تي چڙهيل پرڏيهي قرضن متعلق وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪا گهڻي ضرورت نه آهي جو هاڻي قرضن جي شدت ۽ سنگينيءَ تقريبن سڄي ملڪ ۽ ڪروڙين عوام کي پنهنجي جڪڙ ۾ ورتو آهي.

اسان جي مشاهدي موجب تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ جي پهرين حڪومت آهي جنهن ملڪ تي چڙهيل پرڏيهي قرضن ۽ ملڪ جي تباهه حال ٿيل معيشت جو نوٽس ورتو آهي، نه ته ان کان اڳوڻين حڪومتن قرضن مٿان قرض وٺي جهڙوڪر عارضي بنيادن تي حڪومت هلائڻ واري سوچ ۾ مبتلا هيون ۽ کين اهو اندازو ئي نه پئي ٿيندو هو ته سندن جا ورتل قرض اڳتي هلي ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيترو سنگين ٿي سگهن ٿا،

تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ جي موجوده معاشي بدحالي جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ جيڪا گڏيل پارلياماني ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسين سمجهو ٿا ته اهو فيصلو انتهائي وقتائتو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪندڙ ماڻهن جي نه صرف نشاندهي ٿيڻ گهرجي پر اهي ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پڻ ضروري آهي. ملڪ جنهن جمهوري ۽ سياسي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جهڙي سماجي ۽ اقتصادي ماحول مان گذري رهيو آهي، ان ۾ ”شيون ۽ حالتون جيئن جو تيئن“ رهڻ جهڙوڪر هڪ دستور بڻيل رهيو آهي جنهن جي ڪري هڪ ته ڪابه وڏي تبديلي اچي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪن وڏن ۽ بنيادي اصلاحاتن جي ڪا گنجائش رهي ٿي، تنهنڪري اهڙين حالتن ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ حڪومت جيڪڏهن اهڙي قسم جو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اهو جس جي لائق آهي.

اسين سمجهون ٿا ته تحريڪ انصاف ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ جيڪڏهن ملڪ ۾ موجود ڪرپشن جي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي انقلابي ۽ تيز تر ۽ سخت قدم کڻي ته جيئن ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ته اهو عمل وڌيڪ بهتر هوندو، باقي ماضيءَ جي ڪرپشن جي قصن کي ٿڦيلڻ سان ڪو گهڻو هڙ حاصل ٿيڻ جو امڪان نه ٿو رهي، سوال هي آهي ته جيڪو ڪجهه اوهان جي هٿن ۾ آهي ان کي بهتر ۽ محفوظ ڪيئن ٿا بڻائي سگهو، بجاءِ ان جي ته اوهان پنهنجيون سموريون توانائيون ان ته صرف ڪيو ته ماضيءَ ۾ ڇا ٿيو آهي ڇا نه ٿيو آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٽن مهينن دوران اسين سمجهون ٿا ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ حڪومتي ذميوارن کي اهو اندازو ٿي ويو هوندو ته حالتون ڪيتريون نه سنگين آهن جن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ ڪيترا نه سخت ۽ فوري کڻڻ جي ضرورت آهي. اسين نه صرف تحريڪ انصاف جي حڪومت پر پارليامينٽ جي ميمبرن، ملڪ جي سمورن ساڃاهه وندن ۽ سگهارين ۽ ذميوار قوتن کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ تحريڪ انصاف جيڪو به قدم کڻي ٿي ان سان سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جون حالتون بهتر ٿي سگهن.

سومر 15 آڪٽوبر 2018ع، 5 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے