15 جمعرات , نومبر 2018

افغاني بيٽسمين حضرت الله زازئي جا هڪ ئي اور ۾ 6 ڇڪا، عالمي رڪارڊ به برابر

The Afghan batsman Hazratullah Zazai, one of the six and one in six, will record the world recordشارجه (اسپورٽس نيوز ) افغانستان پريميئر ليگ ( اي پي ايل ) جي هڪ مئچ ۾ حضرت الله زازئي هڪ ئي اور ۾ 6 ڇڪا هڻي رڪارڊ ٺاهيندڙ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ڇهون بيٽسمين . شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بلاخ ليجنڊز خلاف ڪابل زوانان جي طرفان کيڏندي مئچ جي ٻئي اننگز جي چوٿين ئي اور ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏئي 6 ڇڪا هڻندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو. ڇهه ڇڪا هڻڻ سان گڏوگڏ هن ٽي ٽوئنٽي تاريخ جي تيز ترين ففٽي جو رڪارڊ پڻ برابر ڪري ڇڏيو جيڪو ان کان اڳ عظيم بيٽسمينن يوراج سنگهه ۽ ڪرس گيل وٽ آهي. يوراج سنگهه 2007 جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ انگلش ٽيم خلاف جڏهن ته ڪرس گيل بگ بيش ليگ ۾ سڊني اسٽرائڪرز خلاف ميلبرن رنينگڊز طرفان کيڏندي 2016 ۾ 12 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي هئي. حضرت الله زازئي پڻ 12 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي جڏهن ته هن مئچ ۾ 17 بالن تي 62 رنسون ٺاهيون. پنهنجي رڪارڊ جي باري ۾ ڳالهائيندي حضرت الله زازئي چيو ته منهنجي لاءِ اها تمام خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو مان اهڙي ڪارڪردگي پنهنجي سڀ کان پسنديدا رانديگرن ڪرس گيل سامهون ڏني آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان پنهنجي بهترين راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس منهنجي دماغ ۾ ڪنهن به رڪارڊ جو خيال نه هو. ياد رهي ته عالمي ڪرڪيٽ، فرسٽ ڪلاس ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾جن رانديگرن اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي انهن ۾ ويسٽ انڊيز جو سر گيري سوبرز ۽ ڪرس گيل، ڀارت جي روي شاستري ۽ يوراج سنگهه، ڏکڻ آفريڪا جي هرشل گبز ۽ انگلينڊ جي روس وائٽلي شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو خاتمو عارضي قدم قرار، مستقل حل ڳولڻو پوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آسيا بي بي جي آزادي خلاف مذهبي جماعتن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے