16 ہفتہ , فروری 2019

لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ عدالت نيب کي خواجه ڀائرن کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي حفاظتي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  خواجه سعد رفيق پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب جيڪو رڪارڊ گهريو اهو فراهم ڪيو، خدشو آهي ته نيب پاران اسان کي گرفتار ڪيو ويندو. هنن عدالت کي درخواست ڪئي ته نيب کي امڪاني گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي عبوري ضمانت 24 آڪٽوبر تائين منظور ڪري ورتي ۽ کين 5، 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي 24 آڪٽوبر تائين گرفتار نه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان شاگردياڻي ناسا …….. لاءِ چونڊجي وئي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا انٽرنشپ پروگرام لاءِ پاڪستان جي 12 سالن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے