18 جمعہ , جنوری 2019

يو ايف سي چيمپيئن خبيب، فلائڊ مي ويدر کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاس ويگاس( اسپورٽس نيوز ) مڪس مارشل آرٽ الٽيميٽ فائٽنگ چيمپيئن ( يو ايف سي ) خبيب نورماگوميدوو 50 مقابلن ۾ ناقابل شڪست رهندڙ آمريڪي باڪسر فلائيڊ مي ويدر کي فائيٽ لاءِ چئلينج ڪري ڇڏيو. 30 ورهين جي مڪس مارشل آرٽ خبيب 6 آڪٽوبر تي لاس ويگاس ۾ هڪ فائيٽ دوران آئرش ريسلر ڪونر ميگريگور کي شڪست ڏئي مڪس مارشل آرٽ چيمپيئن جو خطاب حاصل ڪيو هو. خبيب پنهنجي انسٽاگرام ويڊيو ۾ فلائيڊ مي ويدر کي چئلينج ڏيندي چيو ته جهنگ جو رڳو هڪ ئي بادشاهه هوندو آهي، فلائيڊ مي ويدر ايندڙ فائيٽ لاءِ تيار ٿي وڃي. خبيب چيو ته مي ويدر فائيٽ دوران ميگريگو کي ڪرائي نه سگهيو ۽ مان هن کي آساني سان ڪيرايو. ياد رهي ته آگسٽ 2017 ۾ آمريڪي باڪسر مي ويدر ۽ آئرش ميگريگو جي وچ ۾ باڪسنگ جي تاريخ جي مهانگي ترين فائيٽ ٿي هئي جنهن ۾ مي ويدر مخالف باڪسر کي 10 هين رائونڊ ۾ ڍير ڪري ڇڏيو هو. خبيب هن وقت تائين 27 مقابلن ناقابل شڪست آهي جڏهن هيوي ويٽ چيمپيئن فلائيڊ مي ويدر پڻ 50 مقابلن ناقابل شڪست آهي پر ان مي ويدر اڳواٽ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته هلندڙ سال جي آخر ۾ هو پنهنجي ڪيريئر جي آخري فائيٽ فلپائني باڪسر ميني پيڪائو سان ڪرڻ چاهيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے