18 جمعہ , جنوری 2019

گذريل حڪومتن جي پاليسين سبب وار وار قرض ۾ ٻڏل آهي: اسد عمر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون تحريڪ انصاف کٽيون آهن، سيٽون هارائڻ جو سبب حڪومتي ڪارڪردگي کي قرار نٿو ڏئي سگهجي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته گذريل حڪومتن جي پاليسين سبب وار وار قرض ۾ ٻڏل آهي، ادارن ۾ ماڻهو ن ليگ جا ۽ قانون به گذريل حڪومتن جو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت جيڪي فيصلا ڪيا، اهي گذريل حڪومتن جي قدمن سبب ڪرڻا پيا. هن چيو ته قرضن ۾ ٻڏڻ سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي، گذريل 5 سالن ۾ ن ليگ حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، 2018 ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، ان جي ذميوار سئو سيڪڙو ن ليگ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشهور اداڪار گلاب چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن جي حوالي سان شهرت رکندڙ نامور اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے