20 منگل , نومبر 2018

وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ننڍي چونڊ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن سمورين پارٽين کي هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ پارٽي جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي تحريڪ انصاف جي ننڍي چونڊ دوران ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي. عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پارٽي ۾ اندرين اختلافن سبب ننڍي چونڊ دوران ڪجهه تڪن تي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته ڪنهن به وزير طرفان چونڊ مهم نه هلائڻ به شڪست جو سبب بڻيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ڪنهن به مرحلي تي ننڍي چونڊ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ سڀني پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے