21 بدھ , نومبر 2018

خاشقجي معاملو، سعودي ۽ ترڪي جي گڏيل جاچ ٽيم قونصل خاني پهچي وئي

استنبول + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ ترڪي ۽ سعودي عرب جي گڏيل جاچ ٽيم استنبول ۾ سعودي قونصل خاني پهچي وئي آهي. اها گڏيل ٽيم خاشقجي جي گم ٿيڻ کان لڳ ڀڳ ٻه هفتا پوءِ جاچ شروع ڪري رهي آهي. ترڪ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي حڪومت جي ناقد جمال شاشقجي کي قونصل خاني ۾ قتل ڪيو ويو پر سعودي حڪومت ان جي ترديد ڪئي آهي. ترڪ حڪومت جاچ لاءِ سعودي حڪومت کان قونصل خاني تائين پهچ جي اجازت گهري هئي. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان معاملي تي شاهه سلمان سان ٽيلي فون ذريعي رابطو ڪيو آهي. ٽرمپ موجب خاشقجي معاملي تي وضاحت لاءِ پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کي جلد رياض روانو ڪيو پيو وڃي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو شاهه سلمان مون کي ٻڌايو ته اسان کي ڪا خبر ناهي خاشقجي سان ڇا ٿيو ۽ معاملي تي ترڪ حڪومت سان سهڪار ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سعودي عرب خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو، جڏهن ته سعودي حڪومت به ردعمل ۾ ڌمڪي ڏني هئي. هوڏانهن جرمني، فرانس ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن سعودي صحافي جمال خاشقجي جي معاملي تي شفاف جاچ لاءِ زور ڀريو آهي. هنن ڏوهي ثابت ٿيندڙ خلاف ڪارروائي جو به مطالبو ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے