22 جمعہ , فروری 2019

نيوز| تلهار: مقامي پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

*تلهار جي وارڊ نمبر 3  ۾ پي ٽي آءِ  جي تعلقي  نائب صدر  اڪرم جٽ   الزام مڙهيو آهي ته بااثر  سندن گهر جي گهٽي  بند ڪري ڇڏي آهي

پي ٽي آءِ ضلعي بدين جي صدر سردار زبير فضلي،  تعلقي تلھار جو صدر عزيز احمد خاصخيلي ڪارڪنن سان گڏ پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو ته  ايس ايڇ او تلھار بااثرن جي ڌر بڻيل آھي ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ سميت انھن جي گھرن جي گھٽين تي قبضا ڪندڙن جي پوليس ساٿاري آھي.

هن چيو ته سندن  پارٽي جي ڪارڪنن کي سياسي انتقام تحت لڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا  هو رد ڪن ٿا.

ھنن وزيراعظم عمران خان ، گورنر سنڌ سميت ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو  ته پارٽي جي نائب صدر اڪرم جٽ جي گھٽي جي قبضي جو نوٽيس وٺي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي اندر احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے