15 ہفتہ , دسمبر 2018

حڪومت چونڊن کان اڳ گرفتار ڪرائڻ پئي چاهيو پر نه ڪرائي سگهي: سعد رفيق

Saad Rafiq has filed an appeal in Islamabad High Court for security guaranteeاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته چونڊ نتيجن مان مطمئن ناهيون، ڇو ته ووٽن ۾ فرق گهڻو هجڻ گهرجي ها، مخالف پارٽي وٽ ته مڪمل چونڊ مهم هلائڻ لاءِ ميدان پيو هو، جيڪڏهن اسان ڀرپور مهم هلايون ها ته 20 هزار کان گهٽ ووٽ نه هجن ها. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته حڪومت چونڊن کان اڳ مون کي گرفتار ڪرائڻ پئي چاهيو پر نه ڪرائي سگهي، دانهون ته کوڙ آهن پر گذريل ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهيان. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجون پاليسيون تبديل نه ڪيون ته حالتون خراب نظر اچي رهيون آهن، ڇو ته ان جي بنيادي ذميواري اپوزيشن سان وچڙڻ نه پر ملڪ هلائڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے