18 جمعہ , جنوری 2019

نيوز| هوسڙي: تبديلي جو ڍنڍورو پٽيندڙ پاڻ مايوس آهن: ايم اين اي طارق شاهه

*هوسڙي ڀرسان تقريب ڪوٺائي 8 ڪمرن تي ٻڌل ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو ويو.

ڳوٺ حاجي محمد موسيٰ شورو ۾ ايم اين اي طارق شاهه، سيد قاسم نويد ۽ راول شرجيل انعام ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي طارق شاھ ڄاموٽ چيو ته تبديلي جو ڍنڍورو پٽيندڙ پاڻ مايوس آهن، هر آئي ڏينهن يوٽرن پيا وٺن.

هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

تقريب ۾ حاجي بدر ميمڻ، شير محمد ٽالپور ۽ طاھر پھوڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪراچي: نجي اسڪولن ۾غير اخلاقي مضمون پڙهائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نجي اسڪولن ۾ غير اسلامي ۽ غير اخلاقي مضمون پڙهائڻ خلاف درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے