15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي.

قومي شاهراهه تي نديم، علي نواز ۽ غلام مصطفيٰ ڏاهري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن لنڊڪي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي.

آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سندن فصل تباهه ٿي رهيا آهن ۽ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي.

هنن چيو ته فصل متاثر ٿيڻ سبب کين وڏي معاشي نقصان جو خدشو آهي، سندن زندگي جو گاڏو زمين تي پوکي ذريعي هلي ٿو.

سندن چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب هو سخت پريشان آهن، پر آبپاشي کاتي سميت ٻيو ڪير به سندن دانهن نٿو ٻڌي.

آبادگارن آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته شاخ ۾ گهربل پاڻي فراهم ڪري سندن پريشاني ختم ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو ڦلو ٿاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے