21 بدھ , نومبر 2018

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

STEPHEN HAWKING’S LAST BOOK OFFERS BRIEF ANSWERS TO BIG QUESTIONSلنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف آنسرز ٽو ڊي بِگ ڪوئسچنز“ جو نالو ڏنو ويو آهي. مشهور رياضيدان ۽ ڪونيات ۽ فلڪيات جي ماهر اسٽيفن هاڪنگ جي اهو نئون ڪتاب ماضي جيان هڪ موضوع بجاءِ گهڻي قدر اهڙن مسئلن جي بحث تي ٻڌل آهي جيڪي مستقبل ۾ پيش اچي سگهن ٿا. اسٽيفن هاڪنگ جو اهو ڪتاب سندس مختلف اهڙن مضمونن جو مجموعو آهي جن کي هن ڳنڀير عالمي مسئلا قرار ڏنو آهي ۽ انهن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هاڪنگ پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته ويجهي مستقبل ۾ انتهائي امير ماڻهون پاڻ پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي ڊي اين اي ۾ تبديلي سان فوق انسان يعني ”سپر هيومن“ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندا جڏهن باقي انسانيت پٺتي رهجي ويندي. پنهنجي سلسليوار مضمونن ۾ هاڪنگ چيو آهي ته جنياتي ڪٽ سٽ ۽ ڊي اين اي ۾ تبديلي جا ڪيئي غير معمولي طريقا سامهون اچي چڪا آهن جن ۾ هڪ ڪرسپر( سي آر ايس پي آر) سرفهرست آهي. هاڪنگ ته ايستائين چيو آهي ته انسانن جو هڪ ٽولو سپر هيومن بڻجڻ کانپوءِ باقي انسانن کي ختم ڪري سگهي ٿو. هاڪنگ پنهنجي مضمونن ۽ فيچرن ۾ چيو آهي ته هن صدي جي آخر تائين انسان ڪاوڙ ۽ نفرت سميت پنهنجي ڪيترن ئي جبلتن کي بدلائي ڇڏيندو ۽ پنهنجي ذهانت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو. حڪومتون انسانن جي جينياتي تبديلي روڪڻ وارا قانون ضرور ٺاهينديون پر اڪثر ماڻهو حياتي ۾ ڊيگهه، بيمارين کي روڪڻ ۽ يادگيري وڌائڻ لاءِ تڪراري انساني جينياتي انجينيئرنگ جو سهارو وٺندا. هن ڪتاب ۾ اسٽيفن هاڪنگ هٿرادو ذهانت( آرٽيفشل انٽيليجنس) جي اڻ ڏٺل پاسن تي پڻ روشني وڌي آهي. هو چوي ٿو ته انسان شروعاتي لحاظ کان سست رفتاري سان ترقي ڪري رهيو آهي جڏهن ته هٿرادو ذهانت تمام جلد ان کي پوئتي ڇڏي ڏيندي. ڪيئي ميدانن ۾ انساني اي آءِ جو ساٿ نه ڏئي سگهندو. پنهنجي ٻين مضمونن ۾ هاڪنگ زمين جي ڪنهن سياري سان ٽڪراءُ ۽ آب هوا ۾ تبديلي (ڪلائميٽ چينج) کي زمين لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي. ان ئي بنياد تي هن نيو ڪليئر فيوزن کي توانائي جو بهترين، سڀ کان صاف ۽ ماحول دوست ذريعو قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته اسٽيفن هاڪنگ جو پهريون ڪتاب، اي بريف هسٽري آف ٽائم، 1988 ۾ شائع ٿيو هو جيڪو سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان کي مناسبت سان سندس آخري ڪتاب کي ”بريف آنسرز ٽو ڊي بِگ ڪوئسچنز “ جو نالو ڏنو ويو آهي. اسٽيفن هاڪنگ موٽر نيورون ڊيزيز ۾ مبتلا هو ۽ هلندڙ سال 14 مارچ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Instagram ousting fake followers from accounts

انسٽاگرام طرفان ڪوڙن لائيڪن، تبصرن ۽ فالورن تي ڪڙي نظر  رکي ويندي

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) مشهور سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي ڪوڙن لائيڪن ۽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے