15 جمعرات , نومبر 2018

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ

ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي آهي ۽ ان جهاز کي اسان جو جڳ مشهور، ڪرڪيٽ وارو ڪپتان هلائي رهيوآهي۽تبديلي واري وفاقي سرڪار طرفان تبديلي واري انقلاب کي رائج ڪرڻ لاءِ عوام کان  گهريل 100 ڏينهن تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن، پر ملڪ اڳتي وڌڻ بجاءِ تيزي سان وڌيڪ گهوٽالن ۽ بحرانن جو شڪار ٿي رهيو آهي.

وزير اعظم عمران خان واري وفاقي سرڪار طرفان آخرڪار، عالمي مالياتي فنڊ کان وڏي قرض جي حاصلات ۽ بيل آئوٽ پيڪيج جي درخواست ڪئي وئي آهي. هوڏانهن، عالمي مالياتي فنڊ( آءِ ايم ايف) جي مئينجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ جو پڻ چوڻ هو ته پاڪستان طرفان امداد لاءِ باظابطا درخواست ملي وئي آهي. انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر طارق باجوا سان ملاقات دوران ايم ڊي ڪرسٽين لاگارڊ جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ هفتي دوران اسلام آباد ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفد پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي سهڪار سان معاشي پروگرام لاءِ ڳالهيون ڪندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ کنيل قدم ۽ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو. اجلاس بعد وفاقي سرڪار  جي سڌ سماءَ واري وزير طرفان جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، تنهن مان وڌيڪ مايوسي واري صورتحال سامهون آئي آهي. جنهن موجب،  وفاقي سرڪار جي ترجمان جو چوڻ هو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ جو پئسو بچايو ئي ناهي، پئسو ڪٿان آڻي لڳايون.

وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ڪوٺايل ، تازي  اهم اجلاس بابت سرڪاري بريفنگ تي ٿورڙو غور ڪجي ته وزير اعظم ۽ سندس وفاقي حڪومت جي صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي نظر اچي رهي آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪمران جماعت تحريڪ انصاف واري سموري قيادت کي ملڪ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن جي بلڪل ئي خبر نه هئي ۽ هو صرف هڪ ڀيرو حڪومت حاصل ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ جي عالمي چيمپئن عمران خان کي وزير اعظم طور ڏسڻ جا خواهشمند هئا ۽  عام چونڊن ۾ هنن جيڪي عوام سان وعدا ڪيا يا عوام کي جيڪي خواب ڏيکاري ووٽ ورتا ۽ اقتدار ۽ اختيار حاصل ڪيا ويا، هاڻي هو عوام کي منهن ڏيکارڻ ۽ هٿ مٿي کڻي ناڪامي جو اعلان ڪرڻ جي همت ۽ جرئت ڪرڻ بجاءِ ، 5 سال ته ڇا پر رڳو 100 ڏينهن ته ڇا پر 3 مهينا ملڪ هلائڻ کان ئي لاچاري جو اظهار ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن، عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشت نازڪ دور مان گذري رهي آهي ۽ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو اڪيلو ملڪ آهي جنهن جا وسيلا محدود ۽ خرچ تمام گهڻو آهن. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو  آهي ته پاڪستان جي وڌندڙ ۽ ڪرندڙ معيشت جي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان جي معيشت جي حالت ڳڻتي جوڳي نه پر تمام نازڪ آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال ٻن ورهين تائين نازڪ رهندي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ ڪمزور معاشي ۽ ترقي ۽ غربت کي خراب معيشت جا سبب قرار ڏيندي چيو ويو  آهي ته ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ مشڪل هوندو. رپورٽ ۾ تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي ترقي لاءِ خساري بابت پائيدار بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مزيدار ڳالهه ته، ملڪ تي حڪمراني جي خواهشمند هر ڌر ، مشهور هيروز ، سپراسٽارن  يا سياسي برگرن جي فرزندن جا ملڪ جا حاڪم ٿيڻ جا انگل به ڏاڍا عجيب هوندا آهن. ملڪ جي حڪمران ڌرين ۽ انهن جي وزير اعظم، صدر مملڪت يا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وزيرن ۽ وڏن وزيرن جا لشڪارا ۽ وڏين گاڏين، جهازن  ۾ آمد و رفت ۽ سرڪاري عمارتن ۽ محلن جا جلوا ڏسي سندن  وات پيو پاڻي ٿيندو آهي. جن کي ڪو اڻڄاڻ يا پرديسي بابو يا ڪو سپر اسٽار ڏسي ته يقينن، هنن رونقن کي ڪنهن بادشاهه جي درٻار ۽ شاهي حڪومت ئي سمجهندو.  هيڏا وڏا ٿيندڙ خرچ ۽ طعامن ۽ خادمن ۽ غلامن واريون رونقون ته ڪنهن به سادي طبيعت واري هيرو يا نيڪ مزاج زاهد کي به دنيا ۾ جنت جهڙا نظارا مفت ۾ ڏسي وضو ۽ پاڪبازي ۽ ايمان کي لوڏي وجهڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن ۽ آخرڪار هو پڻ سفارشون ڪرائي اچي حڪمراني واري تخت تي والار ڪندا آهن ۽ سرڪاري مٺائي جي دڪانن ۽گدامن جا مالڪ ٿيندا آهن !!  ؟. يقينن، عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي بئنڪن  جي اها تاريخ رهي آهي ته، هو هميشه هر نئين ملڪ ۽ نئين سرڪار جون پاڻمرادو دعوتون ڪري ۽ کين تحفا ڏئي، پنهنجو هم خيال يا هم پيالا ، هم نوالا ۽ پڪو دوست بنائيندا رهيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته بئنڪن وارن ، انگريزن جي ڪمپنين ۽ انشورنش وارن جون ياريون پڻ سڻڀن يارن سان سلامت رهنديون آهن ۽ جيئن انهن کان قرضن وارين قسطن جي اوڳاڙي گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي ته اهي پڻ  اکين پور ٿي ويندا آهن. وفا جي دعويدار بئنڪن وارن کي بي وفا چوڻ جو کڻي اسان کي گهڻو اختيار نه به هجي، پر طوطا چشم يا لاتعلق ٿيڻ جي اداڪاري ضرور ڪرڻ لڳندا آهن ته جيئن  مجبور ملڪ ۽ حڪومتن کان پنهنجا وڌ ۾ وڌ  شرط۽ نامناسب مطالبا آساني سان مڃرائي سگهجن . شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جي نئين هيرو واري سرڪار کي سياري جي موسم ۾ ئي پگهر  ڏيارڻ شروع ڪيا ويا آهن.

شايد، اهو ئي سبب آهي جو  ملڪ ۾ ايندڙ هر نئين حڪومت ملڪ جو ڏيوالو هئڻ ۽ اڳوڻي حڪومت يا حڪومتن تي الزام هڻي پنهنجي ذميوارين کان بچڻ يا پنهنجي اهليت ۾ کوٽ کي قبول ڪرڻ کان ضرور پنهنجا پلاند آجا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي، پر اها پڻ حقيقت آهي ته ملڪ جو اقتدار ۽ حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ نئين ايندڙ سرڪار جيڪي واعدا ڪيا ته ڇا هو انهن کان مڪمل طور تي لاتعلق ٿي رهي آهي ۽ ملڪ جي مسئلن جي حل جو درپيش صورتحال ۾ هنن وٽ  ملڪ هلائڻ جو ڪوبه رستو باقي ناهي بچيو ۽  هو پنهنجو اقتدار ۽ حڪومت به جاري رکڻ چاهين ٿا ته پوءِ کين اهڙين ڏکين حالتن ۾ ملڪ کي ڪنهن واڳونء يا ڪنهن عالمي راڪاس جي حوالي ڪري وڃڻ بجاءِ  کين سندن حلف جي پاسداري ڪندي جمهوري ۽ پارلياماني رستو ئي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ جي حالتن جي بهتري لاءِ کين  پارليامينٽ وٽ رهنمائي ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور وڃڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے