17 ہفتہ , نومبر 2018

هاڻي به پنهنجا حال اهي ئي آهن

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

ڪيترا دفعا لکيو اٿم ته مون هن ڪالم جو عنوان ”تو بن جاني ! هيءُ جهان“ ان ڪري رکيو آهي ته سنڌ واسين کي دانهون ڪوڪون ڪري ٻڌايان ٿو ته هيءُ جيئن جهان هلي ٿو، ان ۾ اسان آهيون ئي ڪونه، ڇو ته جيڪو پاڻ کي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهو ڪو نه پيا ڪيون ۽ ٻيا اسان جي ڀينگ ان ڪري ئي پيا ڪن. اسان جو جهڙو پنڊيءَ تي ئي نالو ڪونهي.

ملڪي تاريخ ۾ هر دور اسان لاءِ سور کڻي آيو ۽ پل پل جا پور ڏئي ويو. آڪٽوبر جو مهينو آهي، سال 1958ع جي هن مهيني ۾ تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا آئين ۽ اسيمبليون ٽوڙيون. جنرل ايوب مارشل لا جي ڏڍ تي اسڪندر مرزا جي تڏا ويڙهه ڪئي ۽ پوءِ وڏي سڪون ۽ مزي سان سالن جا سالن ملڪ جو جهڙوڪ بي تاج بادشاهه ٿي ويٺو. مارشل لا جي اها پهرين ڪاري واءُ هئي. ان کان پوءِ يحيٰ خان آيو، ضياءَ الحق آيو ۽ پوءِ مشرف آيو. ملڪ کي طويل ترين عرصو مارشل لائن ۾ گذارڻو پيو. ايوب نديون انڊيا کي کپائي ڏنيون. يحيٰ خان جي ڏينهن ۾ ملڪ ٽٽو. ضياءُ الحق جي زماني ۾ هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف گهر گهر ۽ در در تي پهتي ۽ مشرف، آمريڪا کي افغانستان ۾ پير کپائڻ ۾ مدد ڏني، اڏا ڏنا ۽ سمنڊ رستي ايندڙ هٿيارن کي ڪراچيءَ کان الائي ڪٿي ڪٿي پهچرائڻ ۾ منشيگيريءَ وارو ڪم ڪيو ۽ انهيءَ هٿيارن مان ونڊ وٺي ڪراچيءَ ۾ قهرام مچائيندڙن کي جهوليون ڀري ڏنيون .

ملڪ جي قيام کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين اسان سنڌين ڀٽي جي ڏهاڙن کان سواءِ بين الاقوامي ۽ ملڪي سياسي تناظر ۾ تماشبين جو ڪردار به ادا نه ڪيو آهي. ان جي سزا اسان اهڙي ته ڪاٽي آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پاڪستان ٺاهڻ ۾ بنيادي پورهيو اسان ڪيو پر ملڪ جي سڄي ڄمار ۾ غدار ۽ ڀارتي ايجنٽ اسان کي ئي چيو ويو. اسلامي حڪومت سڀ کان پهرين سنڌ ۾ قائم ٿي ۽ اسلام جي مثالي خدمت اسان ڪئي پر دين دشمن ۽ اسلام جو منحرف اسان کي ئي چيو ويو. قرآن شريف جو دنيا جهان ۾ سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي ۾ ٿيو، انهيءَ سنڌي ٻوليءَ کي هڪڙي نواب وزيراعظم جاهلن ۽ ڳنوارن جي ٻولي سڏيو. اسان کي پنهنجي تشخص جو اونو هجي ها ته ٻين ماڻهن کي ڪهڙي مجال جو اسان تي اهڙا الزام هڻن ها ۽ اڃا هڻن ٿا.

هاڻي به پنهنجا حال ۽ افعال اهي ئي آهن. سنڌ مان ڊيمن ٺهڻ جي مخالفت ٿئي ٿي ته انٽرنيٽ گروپن تي ڊيم مخالفن کي ڀارت جو ايجنٽ ٻڌائي فوجي قدم کڻڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. زبردستي ۽ رضا خوشيءَ کان سواءِ ملازمن جي پگهارن مان ڊيم جوڙڻ جي ڪٽوتي ڪٿان جو انصاف آهي. جيڪڏهن هن کي غنڊاگردي نه به چئجي ته ڏاڍ مڙسي ته چوڻو ئي پوندو. اهو حشر موبائل استعمال ڪندڙن سان به ڪيو وڃي ٿو.انهن ڪٽوتين ۽ ڪن مهٽ کان سواءِ زيادتيءَ جا جيڪا ٻيا مثال قائم ٿين ٿا انهن مان هڪ هيءُ به آهي ته وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهو کلي طرح سان ڊيم جوڙڻ ۽ ڊيم جي حفاظت ڪرڻ جا وچن به ڪن ٿا ۽ ڀڀڪيون به ڏين ٿا. تاريخ جي ورقن ۾ اهو به محفوظ ٿي ويو ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ ڳالهيون نڪتيون ته ڊيم ٺاهڻ لاءِ هيترا پئسا ڏي ته تنهنجا سمورا گناهه معاف ڪري سگهجن ٿا. عدل ۽ انصاف ۾ ائين واپار ڪڏهن به ڪو نه ٿيو پر اسان وٽ ڪو چور ۽ لٽيرو جيڪڏهن ڦٻايل رقم جو حصو حڪومت حوالي ڪري ته سندس ناجائز ميڙي چونڊي جائز ٿي ويندي. قوم جي ههڙيءَ ريت بي درديءَ سان مالي لٽ ڪندڙن ۾ سنڌ جي ماڻهن جا به برابر نالا آهن پر انهن جي طويل ترين لسٽ ۾ ٻين جا نالا گهڻا آهن.

ڊيمن ٺاهڻ لاءِ جواز پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ تي سالن کان وٺي طويل ترين لوڊشيڊنگ جي مصيبت مڙهي وئي آهي، ماڻهن جا رڌ پچاءَ ته پنهنجي جاءِ تي پر سندن روزا نمازون به اندواهيءَ ٻاٽ جو ٻل ٿي ويون آهن. دنيا جا ٻيا ڪيترا ۽ ڪهڙا ملڪ آهن جن ۾ نه ته ڊيم آهن ۽ نه وري بجليءَ جا بحران پر هتي نڪ جي نرڄائپ سان ڊيمن کي جهڙوڪ پنهنجي دين ايمان جو لازمي شرط بڻايو ويو آهي.

مون اڳ به لکيو آهي ۽ اڄ به چوان ٿو ته اوڀر پاڪستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ اتان جي ماڻهن تي مڙهي وئي هئي. وقت کان اڳ پيدا ڪندڙ ٻار واريءَ ماءُ اڪثر صورتن ۾ مري ويندي آهي.ا وڀر پاڪستان ايئن ئي وقت کان اڳ بنگلاديش ٿيو ۽ اتان جي ماڻهن پنهنجي ”قوم جي ابي“ کي ماري ڇڏيو. اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ لاءِ بنگلاديش جو جهنڊو ۽ منشور اولهه پاڪستان ۾ جوڙيو ويو. اهي ڳالهيون آئون  نه ٿو ڪريان پر تاريخ جي ورقن ۾ اهي موجود آهن.

سنڌ جي حوالي سان به صورتحال اهڙو رخ وٺي رهي آهي.ا نٽرنيٽ گروپن ۾ اهڙا فوٽو آيا جن ۾ الطاف حسين برطانيا جي ڪن سياستدانن سان سنڌ جي نقشي تي ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو. آمريڪا مان به اتان جي ڪن سياستدانن جا بيان اچڻ لڳا آهن ته سنڌ هر لحاظ کان هڪ الڳ ۽ خود مختيار رياست بڻجڻ جي اهل آهي. ڪي شاهينگ سنڌي نوجوان کنڀي گم ڪري نفرتن جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. عمران خان اٿڻ سان ئي سنڌ کي ٽانڊا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. هن ڌارين کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ ڊيم جي اڏاوت جو پاڻ هرتو ۽ يڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون ملڪ جي جاگرافيائي ڦير گهير طرف اشارو ڪن ٿيون. عمران خان يا ڪو ٻيو حڪمران فقط ۽ فقط پنهنجي مڙسيءَ ۽ ميرٽ تي ملڪ جو حڪمران ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ وڏي عهدي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ۽ وڏي ٺيڪيداريءَ لاءِ وڏا واڪ ڏيڻا پوندا آهن. سنڌ بابت عمران جي حڪمت عملي انهيءَ پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. اقتدار ۾ اچڻ جي شرطن ۽ واعدن ۾ سنڌ سان گڏ ٻين ڀيانڪ ڳالهين کي ڏسڻو ٻڌڻو پوندو. ڳالهيون عوام اڳيان اچي چڪيون آهن ته اقتصادي حوالي سان جهڙوڪ ملڪ هاڻي آءِ ايم ايف کي پٽي تي ڏنو ويندو. ملڪ جو رپيو هاڻي ڊالر جي اڳيان گوڏا ٽيڪي بيٺو آهي. پيٽرول ۽ گئس جون قيمتون بنا روڪ ٽوڪ جي وڌي وڻ ٿي بيٺيون آهن. ڏسجي ته حڪومت جا پهريان نوي ڏينهن يا سئو ڏهاڙا ڪهڙا رنگ لائن ٿا. نوي ڏينهن جا جيڪڏهن واعدا وسري ويا آهن ته ضياءَ شاهيءَ کي ئي ياد ڪيو.

هنن سمورين ڳالهين جو تت هو ئي آهي ته هن صورتحال ۾ سنڌ ڪٿي آهي ۽ سنڌي ڪٿي آهي؟ هي جهان اسان کان سواءِ ڪيئن ٿو هلي ۽ ڇو ٿو هلي؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے