18 اتوار , نومبر 2018

معيشت جي سڌاري جو سوال….

عارف نظامي

آخر ڪار تحريڪ انصاف جي خزاني واري وزير شرمائيندي شرمائيندي اهو اعلان ڪري ئي ڇڏيو ته هاڻي حڪومت مالياتي بحران مان نڪرڻ لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) سان رابطو ڪري قرض جي گهر ڪندي، اسد عمر جي اهڙي باضابطه بيان عوام کي ڪافي پريشان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. سندس جي اعلان سان ٻين کي ته افسوس ۽ پريشاني ٿي هوندي پر سندس ”باس“ عمران خان ۽ وزير اعظم لاءِ ته جهڙوڪر هڪ انتهائي شرمساريءَ جهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي هوندي، جو هو پنهنجي چونڊ مهم دوران جڏهن نواز شريف ۽ شهباز شريف متعلق ڳالهائيندو هو ته کين اهي به طعنا ڏيندو هو ته انهن قرض وٺي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ عمران خان اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته هو اقتدار ۾ اچي ملڪي معيشت کي پنهنجن قومي وسيلن سان بهتر بڻائيندو ۽ پرڏيهي قرض هرگز هرگز نه وٺندو ، سندس اها ڳالهه ميڊيا توڙي عوام ۾ مشهور هوندي هُئي ته، ” مان پرڏيهي قرض وٺڻ کان خوڪشي ڪرڻ کي بهتر سمجهندس”.

هاڻي تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آهي جنهن بعد سندس ذميواريون تبديل ٿي ويون آهن. هُنن پنهنجي حڪومت جي ٻن مهينن واري مختصر مدت ۾ ئي ڪيتريون غلطيون ڪيون آهن. ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر جيڪو هڪ وڏي ۽ مشهور ڪمپنيءَ جو ”سي اِي او“ رهيو آهي، ان کي جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو هو ته ان ڏس ۾ دير ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي، ٻئي پاسي شايد وزير اعظم عمران خان جي اها ڪوشش رهي ته هو معاشي بحران مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجن ويجهن ۽ روايتي طور دوست ملڪن سعودي عرب ۽ چين سان رابطو ڪري انهن کان مدد طلب ڪري ۽ هُن ان ڏس ۾ ڪوششون ڪيون به. عمران خان ڪيتريون ئي اميدون کڻي سعودي عرب ويو به پر سعودي حڪمرانن کيس ڪابه جوڳي موٽ نه ڏني ۽ هو خالي هٿين پاڪستان موٽي آيو. شايد هاڻي دنيا مان مفت ۾ مانجهاندو ڪرائڻ جي روايت ختم ٿي وئي آهي.عمران خان سعودي حڪمرانن کي فقط ٽي فرمائشون ڪيون هيون، پهرين ته سعودي عرب پاڪستان کي رعايتي اگهن تي پيٽرول جي فراهمي ممڪن بڻائي، ٻيو ته سعودي عرب پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ پنهنجو ناڻو جمع ڪرائي ته جيئن رپئي جو قدر مستحڪم رهي ۽ ٽيون پاڪستان ۾ سيڙپ  ڪاري ڪري، پر افسوس سان ته سعودي عرب انهن ٽنهي فرمائشن مان پاڪستان جي هڪ فرمائش به پوري نه ڪئي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي جيڪو قرض گهرجي ان جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب جون فرمائشون ايتريون ته گهڻيون ۽ وڏيون آهن جو انهن جو پورو ڪرڻ پاڪستان جي وس ۾ نه آهي.

اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سعودي عرب جون پاڪستان کان ڪهڙيون فرمائشون ٿي پئي سگهيون، سعودي عرب جي پاڪستان کان سڀ کان وڏي گهر اها هُئي ته سعودي عرب جي يمن ۾ جيڪا حوثي باغين سان ويڙهه هلي رهي آهي ان ۾ محفوظ ۽ مضبوط سيڪيورٽيءَ جي ضمانت فراهم ڪري، جيڪا ڳالهه پاڪستان لاءِ انتهائي مشڪل آهي جو پاڪستان جي اها پاليسي آهي ته پاڪستان ڪنهن به اسلامي ملڪ جي ڏڦيڙ ۾ نه پوندو تنهنڪري پاڪستان سعودي عرب جي اهڙي فرمائش پوري ڪرڻ کان قاصر رهيو.

جڏهن نواز شريف پاڪستان جو وزير اعظم هيو تڏهن نواز شريف ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان سعودي عرب ويو هو  ان وقت به سعودي حڪمرانن کين هر ڪم متعلق کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو.

هن وقت فقط چين ئي پاڪستان جو هڪ انتهائي ويجهو ۽ ڀروسي جوڳو دوست رهيو آهي ڇو جو هن وقت چين ۽ پاڪستان ڪيترن ئي گڏيل اقتصادي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي  ٻنهي ملڪن لاءِ “اسٽريٽيجڪ ” اهميت وارا پڻ آهن.

سي پيڪ منصوبو جيڪو چين ۽ پاڪستان جي گڏيل اقتصادي منصوبن جو مجموعو آهي ان متعلق به پاڪستان جي ڪجهه سينيئر وزيرن جي غير ذميواراڻن بيانن ڪري ڪافي مونجهارا ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي پئي هُئي جنهن متعلق به حڪومت ڪافي دير بعد بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 2021ع تائين سي پيڪ پنهنجيون تمام سرگرميون جاري رکندو ۽ منصوبا مڪمل ڪندو ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ۽ ان سلسلي ۾ قرضن جي ڄار ۾ ڦاسڻ جي به ڪا ضرورت نه آهي.

حڪومت پاران اهڙي وقت بيان جو اچڻ پڻ معنى خيز آهي جڏهن آمريڪا چئي چڪو آهي ته پاڪستان جيڪي آءِ ايم ايف کان قرض وٺندو اهي چين کان ورتل قرضن جي مد ۾ ڪتب آندا ويندا جڏهن ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ اهو چئي چڪي آهي ته آءِ ايم ايف کي پاڪستان پاران 8/ ارب ڊالرن جي قرض جي درخواست ملي چڪي آهي جنهن سان پاڪستان پنهنجي معاشي گهوٽالي مان نڪرڻ چاهي ٿو  هُن انهيءَ ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته آءِ ايم ايف کي اها خاطري گهرجي ته پاڪستان کي جيڪو قرض ڏنو ويندو اهو ڪنهن به ٻئي منصوبي جي مد ۾ خرچ نه ٿيندو.

آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي قرضن جي سلسلي ۾ آخر ڪار آمريڪا جو رد عمل به سامهون اچي ويو، آمريڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جيڪا صورتحال ٿي آهي اها فقط چين جي قرضن جي ڪري ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪا آءِ ايم ايف کي فنڊ جاري ڪندڙ ملڪن مان وڏو ملڪ آهي ۽ ان جا آءِ ايم ايف ۾ سورنهن سيڪڙو ووٽ آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ کي فنڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ انتهائي اهم ثابت ٿيندا آهن جڏهن ته چين وٽ ڪُل پنج سيڪڙو ووٽ آهن، تنهنڪري پاڪستان کي آءِ ايم ايف جا قرضن آمريڪا جي رضامندي کان سواءِ نه ٿا ملي سگهن. ان جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان هاڻي آءِ ايم ايف سان قرضن متعلق ڳالهيون ڪندو اهي اڳ جي ڳالهين جي ڀيٽ ۾ انتهائي مختلف هونديون جو اڳ آمريڪا پاڪستان جي سهائتا ڪندو رهيو آهي. ٻئي طرف وري آمريڪي انتظاميا اڳ ئي پاڪستان کي قرض جاري ڪرڻ متعلق جهڙو هڪ ناڪاري تاثر ڏئي چڪي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو چوڻ ته پاڪستان کي آمريڪا پارا جاري ٿيندڙ فنڊن جو منطق ڪهڙو آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان کي جيڪي به فنڊ جاري ڪري ٿو، پاڪستان اهي فنڊ وري انهن ماڻهن تي خرچ ڪري ٿو جيڪي وري آمريڪين کي مارين ٿا.

پاڪستان پاران آءِ ايم ايف سان قرضن لاءِ ڳالهين جو ڪو هي پهريون دور نه آهي ۽ نه وري ڪو آخري دور ثابت ٿيندو، جيستائين پاڪستان پنهنجي معيشت کي سڌو ڪري سمورن بحرانن مان نه ٿو نڪري تيستائين پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا اهڙا سلسلا جاري رکڻا پوندا.

اها ڳالهه انتهائي نڪ جي پڪائيءَ سان چئي ويندي هُئي ته پاڪستان پنهنجي اقتصادي صورتحال ملڪ مان پرڏيهه منتقل ڪيل ناڻي کي واپس آڻي بهتر بڻائي سگهندو، جو اهي پئسا ايترا ته آهن جنهن سان ملڪ جا سمورا قرض لهي سگهن ٿا. حقيقت اها آهي ته جيستائين پاڪستان پنهنجي بنيادي مسئلن ۽ معاملن کي حل نه ٿو ڪري تيستائين پاڪستان جي هٿن ۾ خيرات جو ڪشڪول هر صورت ۾ هوندو.

گذريل سومر تي پاڪستان جي رپئي جي ملهه ۾ جيڪا لاٿ ٿي آهي اها گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿي آهي، يعني پاڪستاني رپئي جي ملهه ۾ 10/ روپين جي لاٿ، رپئي جي ملهه ۾ اهڙي لاٿ متعلق لڳي ٿو  ته ناڻي واري وفاقي وزير وٽ ڪا ڄاڻ نه هُئي يا هُن پاڻ ڄاڻي واڻي اهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي. پاڪستاني رپئي جي ملهه ۾ لاٿ بعد ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اچي ويو آهي.

نواز شريف جي دور ۾ سندس ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاران هٿرادو نموني سان پاڪستان جي رپئي جي ملهه کي مٿي رکيو ويو جنهن ڪري پاڪستان جو پرڏيهي واپار ڪنهن به طور تي مقابلي جي سگهه ۾ نه رهيو . پاڪستان جي رپئي جي ڏکڻ ايشيا ۾ مهانگي هجڻ ڪري ان جو منفي اثر وڃي پاڪستان جي پرڏيهي واپار تي پيو. اها سموري صورتحال جيئن ته هٿرادو هُئي تنهنڪري گهڻو وقت مستقل رهي نه سگهي نتيجي ۾ پاڪستان جي رپئي جو ملهه هڪ دم ڪري پيو.

قرضن جي سلسلي ۾ جيئن جيئن آءِ ايم ايف جون فرمائشون پڌريون ٿينديون پيون وڃن تيئن تيئن اها ڳالهه چٽي نموني سامهون ايندي پئي وڃي ته پاڪستاني اختيارين جو آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو سلسلو ڪيڏو نه مشڪل ٿي سگهي ٿو. آءِ ايم پاران پاڪستان کي معيشت جي بحاليءَ لاءِ ڪيئي سخت شرط پيش ٿي سگهن ٿا، اهي بظاهر ملڪ جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهن پر ڪامياب حڪومتون پنهنجا جيڪي به فيصلا ڪنديون آهن اهي انتهائي دور رس نموني ۽ پاليسين جي آڌار تي ڪنديون آهن تنهنڪري ئي اهي حڪومتون معيشت ۾ سياسي مداخلت جهڙين ڳالهين کي قبول نه ڪنديون آهن.

پاڪستان ۾ ٽيڪس جي شرح ڪا 10 سيڪڙو  مس آهي جيڪا تمام گهڻي گهٽ آهي، ايتري گهٽ ٽيڪس شرح سان معيشت ترقي ڪري نه ٿي سگهي. هن وقت مجموعي طور تي ڪُل 8/ لک ماڻهو ٽيڪس ادا ڪن ٿا جڏهن ته ملڪ جا ٻيا ڪيئي وڏا شعبا جن ۾ زراعت ۽ ننڍو واپاري طبقو آهي اهو ٽيڪس ادا ئي نه ٿو ڪري.

تنهنڪري ضروري آهي ته جيڪي رياستي ادارا آهن جهڙوڪر پاڪستان ريلوي، ايئر لائن، پاڪستان اسٽيل مل کي نجي شعبي ۾ هجڻ گهرجي جيڪي ملڪ لاءِ ناڻو ڪمائي سگهن.

پاڪستان هڪ اهڙي معيشت آهي جيڪا پرڏيهي واپار جي آڌار تي وڌي رهي آهي، ملڪ جي معيشت هن وقت جي جنهن بحران جو شڪار آهي اهو هميشه نه رهندو، تنهنڪري ضروري آهي ته ملڪ جي معيشت رڳو زراعت ۽ ڪجهه ٻين معاشي ذريعن جي بنياد تي نه جوڙي وڃي پر ان ۾ پيداواري بنياد کي وسيع ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي.

عوام پرڏيهي شيون خريد ڪرڻ ۾ ڪافي دلچسپي رڪندڙ آهي تنهنڪري  پرڏيهي قيمتي شين جي خريداريءَ وارو عمل تيز رهي ٿو. پاڪستان مان 2013ع ۾ پرڏيهي واپار 25 ارب ڊالرن جو ٿيو هو جيڪو  نواز شريف جي دور ۾ اچي 19/ ارب ڊالرن تي پهتو هو. ملڪ جي دفاعي بجيٽ جي خرچن ۽ قرضن لاهڻ بعد ملڪ جي عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪجهه به نه ٿو بچي. اها ڳالهه پاڪستان جي پاڙيسري جنگجو ملڪ لاءِ اطمينان جهڙي ٿي رهي ته پاڪستان جي موجود معاشي صورتحال ڪري پاڪستان لاءِ وڌيڪ جنگي سامان خريد ڪرڻ  ممڪن نه ٿو رهي.

آءِ ايم پاران سخت شرط قبول ڪرڻ جو مقصد ٿيندو ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي ٿي سگهندي جيڪا ڳالهه انتهائي ضروري آهي، پاڪستان کي هن کان اڳ آءِ ايم ايف پاران ڪڙا شرط رکڻ ۽ انهن کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به تجربو نه رهيو آهي، گذريل حڪومتن وانگر هن دفعي به پاڪستان جي سويلين ۽ فوجي قيادت وري ساڳئي ئي دڳ تي اچي بيٺا آهن، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي معيشت کي سگهارن بنيادن تي قائم ڪيو وڃي. بدقسمتي اها آهي ته هن دفعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ۽ وري تحريڪ انصاف مخالف ڌر جي سمورين پارٽين سان پنهنجا تعلقات ڦٽائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته معيشت جي بحاليءَ لاءِ انهن سڀني جو گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ معيشت جي بحاليءَ وارو ڪم جهڙوڪر هڪ خواب رهجي ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڇا؟ تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جيڪي به اقتصادي ماهر شامل آهن اهي ملڪ جي بدحال ۽ بيمار معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجي خيالن، تصورن ۽ سوچن کي نئون ۽ بهتر بڻائي سگهندا يانه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے