18 اتوار , نومبر 2018

سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي اعتراف جي تياري ڪري ورتي: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

Saudis preparing to admit Jamal Khashoggi died during interrogation, sources sayواشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب استنبول جي سفارتخاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي پڇا ڳاڇا دوران قتل جي اعتراف جي حوالي سان رپورٽ تيارڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جي ذريعن جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب هڪ رپورٽ تيارڪري رهيو آهي جنهن ۾ اعتراف ڪيو ويندو ته صحافي جمال خاشقجي سفارتخاني ۾ پڇا ڳاڇا دوران مارجي ويو. ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب طرفان رپورٽ ۾ نتيجو ڪڍيو ويندو ته صحافي کان پاڇاڳاڇا کائنس اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪئي وئي ۽ ان واقعي ۾ جيڪي ملوث آهي کين جمال خاشقجي جي موت جو ذميوار قرار ڏنو ويندو. ياد رهي ته سعودي شهري ۽ واشنگٽن پوسٽ جي ڪالم نويس جمال خاشقجي کي آخري ڀيرو 2 آڪٽوبر تي سعودي سفارخاني ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو هو جنهن کانپوءِ هو گم آهي پر سعودي اختيارين جو چوڻ هو ته صحافي ان ڏينهن  سفارتخاني مان روانو ٿي ويو هو پر ان حوالي سان ڪي به ثبوت فراهم ناهن ڪيا ويا. جمال خاشقجي پنهنجي ترڪ مڱيندي هيٽس سنگز سان شادي جي خواشمند هو ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سفارتخاني ويو هو ۽ ان موقعي تي سندس مڱيندي سفارتخاني جي ٻاهران سندس انتظار ڪري رهي هئي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته صحافيءَ کي سفارتخاني ۾ ئي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن پوليس سعودي سفارتخاني جي تلاشي به ورتي هئي ۽ ثبوت گڏ ڪيا. صحافي جي گمشدگي واري معاملي تي سعودي عرب ۽ اولهه وارن ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، آمريڪا، برطانيا، جرمني ۽ فرانس طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اصل حقيقتون منظرعام آنديون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جي قتل بابت مڪمل رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے