13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز:مٺي:خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ ٽن امڙين جون جهوليون خالي

*ٿرپارڪر ۾ڏڪاري حالتون بهتري طرف اچڻ بدران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن، ستن ئي تعلقن ۾ صورتحال خراب ٿي ويئي آهي، ڏڪاري حالتن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو رُڪجي ناهي سگهيو.

خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد هلندڙ مهيني انگ 27 ۽ هلندڙ سال فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌيڪ 509 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي پيئڻ جو پاڻي کٽي ويو آهي،16 لک ٿري پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپندي نظر اچن ٿا.

سنڌ حڪومت چيف جسٽس جي اچڻ جي ڊپ وڃان آر او پلانٽس جي رهيل بجيٽ منظور ڪئي هئي پر چيف جسٽس جي نه اچڻ بعد منظور ڪيل 36 ڪروڙ روپيا حڪومت روڪي ورتا آهن

سنڌ حڪومت آر او پلانٽس جا روڪيل 36 ڪروڙ جاري نه ڪرڻ سبب هڪ پاسي آر او پلانٽس بند پيل آهن ته ٻئي پاسي پلانٽس جي 60 ملازمن جون پگهارون چئن مهينن کان بند پيل آهن

آر او پلانٽس جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي پگهارون نه ملڻ جي صورت ۾ ٻيهر سمورا پلانٽس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے