20 منگل , نومبر 2018

پنجاب جي هلندڙ مالي سال لاءِ 20 کرب 26 ارب 57 ڪروڙ رپين جي بجيٽ پيش

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت هلندڙ مالي سال جي باقي مهينن لاءِ 20 کرب 26 ارب 57 ڪروڙ رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم بخت هلندڙ سال جي لاءِ بجيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير مخدوم هاشم بخت جو چوڻ آهي ته گذريل حڪومت جي ڪري قرض وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي، پنجاب جي بجيٽ نئين پاڪستان کي روشن ڪندي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ترقي اشتهارن تائين محدود هئي پر اسان خوراڪ، تعليم، پنهنجو گهر ۽ بنياد سهولتن تي ڌيان ڏينداسين، پي ٽي آءِ حڪومت مضبوط ۽ گڏيل مڪاني نظام تي يقين رکي ٿي. ناڻي واري صوبائي وزير جي بجيٽ تقرير موجب هلندڙ سال بجيٽ جو ڪاٿو 20 کرب 26 ارب 57 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته خسارو 1652 ارب رپيا آهي. هن چيو ته وفاقي محاصل پول مان پنجاب کي 1276 ارب رپين جي آمد جو امڪان آهي ۽ صوبائي محصولات جي مد ۾ 376 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته جاري خرچن جو ڪل ڪاٿو 1264 ارب رپيا آهي ۽ پگهار جي مد ۾ 313 ارب رپين جي ادائيگي جو ڪاٿو آهي. پنجاب جي ناڻي واري وزير موجب پينشن جي مد ۾ 207 ارب رپيا، مقامي حڪومتن جي لاءِ 438 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سالياني ترقياتي خرچن لاءِ 238 ارب رپيا، تعليم جي شعبي لاءِ 373 ارب ۽ صحت جي شعبي لاءِ 284 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ انصاف صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ هيلٿ انشورنس پروگرام کي 36 ضلعن ۾ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته هارين کي بنا وياج جي قرضن لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا آهن ۽ زراعت جي شعبي لاءِ 93 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. بجيٽ دوران مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اسپيڪر جي ڊائس جي سامهون نعريبازي ڪئي وئي پر ان جي باوجود ناڻي واري وزير تقرير جاري رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے