18 اتوار , نومبر 2018

بحريا ٽائون ڪيس: نيب جي جاچ تي اکيون بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد شيخ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهي ته نيب جي جاچ تي اکيون بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران بحريا ٽائون جو وڪيل اعتزاز احسن ۽ نيب پراسيڪيوٽر جنرل پيش ٿيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو ڪو وڪيل نمائندو حاضر نه ٿيو. ٻڌڻي دوران اعتزاز احسن ٻڌايو ته عدالت عظميٰ بحريا ٽائون کي زمين جي نئين سر الاٽمينٽ جو حڪم ڏنو، فيصلي ۾ چيو ويو ته عملدرآمد بئنچ قيمت مقرر ڪندي، جڏهن ته بحريا ٽائون کي خريداري ۽ وڪري کان به روڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته عدالت 3 مهينن ۾ ٽيم کي جاچ ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته نظرثاني درخواست ۾ نيب کي آزاداڻي جاچ جو حڪم ڏنو، ان تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته عملدرآمد بئنچ جو نيب جي ڪارروائي سان ڪو واسطو ناهي. عدالت طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڇا جاچ مڪمل ٿي وئي، جنهن تي نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل ٻڌايو ته بحريا ٽائون خلاف چار جاچون ٻڌڻي هيٺ آهن، عدالت عبوري حڪم سان جاچ روڪي ڇڏي هئي، ان تي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته نيب کي حڪم نه ڏينداسين، رڳو فيصلي تي عمل ڪرائينداسين. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عدالت کي هر 15 ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ ڏينداسين. جسٽس عظمت سعيد شيخ جو چوڻ هو ته نيب جي حوالي سان اکيون بند نٿا ڪري سگهون، جاچ تي اکيون بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ تاريخ کان اڳ وڪيل معاملي جو حل ٻڌائن ۽ اهو به ٻڌائن ته توهان کي ڪيترا پئسا ڏيڻ گهرجن، اها قيمت نه ٻڌايو جيڪا ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي هڪ آفيسر ٻڌائي هئي، جنهن آفيسر کي نيب جيل موڪليو هو. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته جيڪڏهن توهان جون تجويزون عمل جوڳيون هونديون ته عدالت غور ڪندي، پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ان کانپوءِ وڌيڪ تاريخ نه ڏني ويندي. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ايم ڊي اي به 14 نومبر تائين رڪارڊ ڏئي نه ته نيب پراسيڪيوٽر کان رڪارڊ گهرائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے