21 پیر , جنوری 2019

ڀارت جي جوهري هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ڀارت جي ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، پاڪستان کي برابري جي بيناد تي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي رڪنيت ملڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع عالمي ايٽمي عدم پکيڙن جو نظام، چيلينج ۽ رد عمل هو. شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت ۾ جوهري معاهدو خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي ڪري بڻيو، معاهدي سان ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جو توازن خراب آهي، ڀارت جي هٿيارن ۾ واڌ خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. وفاقي وزير ڀارت جي جوهري هٿيارن جو هدف پاڪستان آهي اسان کي نيو ڪليئر سپلائر گروپ ۾ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پيو پوي.  پاڪستان کي برابري جي بيناد تي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي رڪنيت ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملير ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه  جي جلسي ۾ ڪهڙا ڪيا ويا مطالبا ؟ ٽيبلوز  ۾ نارين ڪيو ڪمال !!

 ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران جديد قومپرست جي باني سائين جي ايم سيد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے