17 جمعرات , جنوری 2019

ڪوڙن اڪائونٽن سان سنڌ حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪوڙن اڪائونٽن سان سنڌ حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي ڪوڙن اڪائونٽن جي جاچ ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت سمورو سهڪار ڪندي. هن چيو ته اِهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪوتم ڪنهن قسم جي جاچ ناهي ڪندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه سهڪار ڪيو ۽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ طرفان هر حد تائين مڪمل سهڪار ڪيو ويندو ڇو ته اسان پاڪستان جي بهتري جا خواهشمند آهيون ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن ئي تي ترقي جو عمل ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ڏکين حالتن ۾ گذري رهيو آهي جنهن جي ڪري عوام کي به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد 10جوابدارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے