15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان جو اصل سرمايو ۽ قوت ايٽم بم نه پر نوجوان آهن: سراج الحق

پشاور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان جي اصل سيڙپ ۽ قوت ايٽم بم ناهي پر نوجوان آهن، ملڪ کي اسلامي انقلاب جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ يوٿ ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان کي هڪ اسلامي ۽ نظرياتي پاڪستان بڻائينداسين، تبديلي جو آغاز پنهنجي ذات سان ڪنداسين، ملڪ کي اسلامي انقلاب جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان آهن، اسان جو اصل سرمايو ۽ قوت ايٽم بم ناهي پر اِهي ئي نوجوان آهن، پاڪستان جا نوجوان ڪنهن فرد، ظالم ڦورو يا ڪرپٽ ليڊر جي پٺيان نه ويندا، علامه اقبال جي خواب جي تعمير رڳو نوجوان ئي پورا ڪري سگهن ٿا. سراج الحق چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپي جو قدر انتهائي گهٽجي چڪو آهي، حڪومت وٽ سنجيده پروگرام ناهن ۽ اڄ به حڪمران ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف ڏانهن ڏسي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے