15 ہفتہ , دسمبر 2018

حڪومت 14 آڪٽوبر تي عوام جو رد عمل ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام دشمن حڪومت تان قوم جو اعتماد کڄي ويو آهي ۽ حڪومت 14 آڪٽوبر تي عوام جو رد عمل ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار آهي. ن ليگ جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جو سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير جي ڪانفرنس تي رد عمل ۾ چوڻ هو ته فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس حڪومت جي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو خاڪو آهي ۽ اِها پهرين حڪومت آهي جنهن 54 ڏينهن روئڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته نااهل حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيراو ۽ غريب جي وات مان گِرهه کسيو آهي،  ڪوڙ ۽ نااهل حڪومت بجلي قيمتن ۾ واڌ ڪري رهي آهي، ان ڪري ٻيهر روئڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي لاءِ ڪوڙ، بهانو ۽ جواز نه ڳوليو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ مهانگائي جي شرح، پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت کي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي رکيو پر جيئن هو هٽيو ته مهانگائي عوام تي اچي ڪِري. ن ليگي ترجمان موجب پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪوڙ ۽ نااهلي جي سزا قوم کي ملي رهي آهي جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف مخالفت تي نه پر قوم جي تعمير ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي ڌيان ڏئي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن تي اُهي الزام لڳايا ويا آهن جيڪي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ميگا واٽ بجلي نه بڻائي سگهيا، مسلم ليگ ن جي 11 هزار ميگا واٽ مڪمل ڪيل منصوبا نيب ۾ ضرور کڻي وڃو پر پنهنجي 350 خيالي ڊيمن جو جواب ته ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے