22 جمعہ , فروری 2019

نيوز | ڀريا سٽي: روڊ حادثي ۾ 2 نينگرين سوڌو 5 ڄڻا زخمي

ڀريا سٽي ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل حادثي ۾ ٻن نينگرين ۽ عورتن سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ٻن نينگرين ۽ عورتن سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڀرياسٽي اسپتال آندو ويو، زخمين جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ سبب کين نوابشاهه نيو ويو.

زخمين ۾ 5 ورهين جي نينگري وحيدان، چئن ورهين جي ناهيده،  حنيفان ۽ شهناز سولنگي  سميت شاهن سولنگي شامل آهن.

هوڏانهن حادثي بعد ڪار ڊرائيوار فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو تعلق ٺاروشاهه  جي هري پور پاڙي سان ٻڌايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪوٽڙي: ماهرن ٽائفائڊ کي وڏي انساني المئي ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

*ڄامشورو جي  مھراڻ يونيورسڻي ۾   ڊاڪٽرن، ماحولياتي ماهرن ۽  محققن حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيل ٽائفائڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے