18 اتوار , نومبر 2018

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي اڳوڻي وزيراعظم جي ڪري خراب ٿيا. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته برطانيا سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيح کانپوءِ هاڻ ملڪ جو ناڻو لُٽيندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪيو آهي، مني لانڊرنگ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، هن وقت وزيراعظم جو هڪ خاص مددگار رڳو ڪرپشن تي جاچ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو قانون وزيراعظم لاءِ هوندو، اهو ئي عام ماڻهن لاءِ هوندو ۽ وزيراعظم جي حڪمن تي روٽ ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي، ڇو ته پاڪستانين کي تڪليف ڏئي روٽ نه لڳائڻ ڏينداسين. هن چيو ته عوام بي روزگاري ۽ بُک سبب مري رهيو آهي، آپگهات تي مجبور ٿي پيو آهي ۽ هنن کي ڳڻتي هئي ته کير خالص هجڻ گهرجي، جڏهن ته شاهي خرچن جي خاتمي لاءِ ڪنهن چور جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انهن جون رڙيون نڪري وينديون آهن. مراد سعيد چيو ته اين ايڇ اي هائوسنگ سوسائٽي جي جاچ لاءِ معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، 2003ع ۾ هائوسنگ سوسائٽي جو اعلان ٿيو پر 600 ڪنال زمين اڃا تائين منتقل ناهي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے