17 ہفتہ , نومبر 2018

عوام حڪومت جو حساب ڪتاب شروع ڪري ڇڏيو آهي: حمزا شهباز

Khairpur: PPP won at almost every constituency of Sindhلاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته عوامي عدالت تحريڪ انصاف جي احتساب جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوڙن ۽ يوٽرنز جو حساب ڪتاب شروع ٿي ويو آهي، اسان کي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪا تڪڙ ناهي، ننڍي چونڊ ن ليگ لاءِ شڪر ڪرڻ جو لمحو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ڪندڙن کي پڪڙي رهيو آهي پر پنجاب بئنڪ ڦريندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، نيب پويان عمران خان آهي. هن چيو ته شهباز شريف ايمانداري سان ڪم ڪيو ۽ ن ليگ اڳواڻ جمهوري روايتن تي يقين رکندڙ آهن، احتساب جو نعرو هڻندڙن خيبر پختونخواهه ۾ بدعنواني جي خاتمي جو کاتو بند ڪري ڇڏيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف بي آر جو دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے