19 جمعہ , اپریل 2019

سنڌ حڪومت جو ڪوڙن اڪائونٽن سان ڪو واسطو ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪوڙن اڪائونٽن سان سنڌ حڪومت جو ڪو واسطو ناهي. صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جي آءِ ٽي ڪوڙن اڪائونٽن جي جاچ ڪري رهي آهي، اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪنهن قسم جو سهڪار نٿي ڪري، سنڌ حڪومت سدائين سهڪار ڪيو ۽ ڪري رهي آهي، اسان پاڪستان جي بهتري جا خواهشمند آهيون ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي ترقي ممڪن ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ هن وقت ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، جنهن سبب عوام به تڪليف ۾ آهي، سنڌ حڪومت صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان قومي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي ملاقات، ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان قومي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ سان ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے