21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | نوابشاهه ڌماڪي ۾ گرفتار جوابدارن ڏوهه مڃي ورتو آهي: ڊي ايس پي سي ٽي ڊي

سي ٽي ڊي حيدرآباد دعويٰ ڪئي آهي ته نوابشاهه دستي بم ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي پوليس جاچ دوران جوابدارن ڏوهه قبول ڪندي نشاندهي تي بم ٺاهڻ جي مشين ۽ ڪچو ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ان سلسلي ۾ ايس پي سي ٽي ڊي حيدرآباد، سکر عارف سمون، ڊي ايس پي حيدرآباد خالد ٽڳڙ، انسپيڪٽر سي ٽي ڊي حيدرآباد محمد علي سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوابشاهه ۾ بم ڌماڪي ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي جي ڀاءُ زوهيب حسين جمالي جي زخمي ٿيڻ واري واقعي بعد داخل ٿيل بم ڌماڪي ڪيس جي جاچ آءِ جي سنڌ پوليس ڪيلم امام سي ٽي ڊي حيدرآباد حوالي ڪئي.

هنن چيو ته جاچ حوالي ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ عبدالله شيخ ۽ ايس پي سي ٽي ڊي حيدرآباد عرفان سمون جي هدايت تي سي ٽي ڊي ٿاڻي حيدرآباد جي انسپيڪٽر محمد علي سومرو پوليس ٽيم سان گڏجي ڪريڪر بم ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن محمد عارف پنهور ۽ زوهيب حسين جمالي کان جاچ ڪئي.

سي ٽي ڊي پوليس موجب جاچ دوران جوابدارن پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته ڪريڪر بم ٺاهڻ جي مشين عارف پنهور، زوهيب ۽ نادر ڀنگوار گڏجي ڪري ٺاهي، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم جسمم سان آهي.

سي ٽي ڊي پوليس حيدرآباد موجب جوابدارن جاچ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ته هنن بارود مان ڪريڪر بم تيار ڪيو، جيڪو بلاسٽ ڪرڻ لاءِ 28 سيپٽمبر 2018ع تي وڃي رهيا هئا ته اهو سندن هٿ ۾ ڦاٽي پيو، جنهن ۾ 2 ڄڻا عارف پنهور ۽ زوهيب جمالي زخمي ٿي پيا ۽ ٽيون جوابدار نادر ڀنگوار فرار ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے