21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | ڪراچي : ڊالڊا پاران ” منهنجو آواز تحريڪ “ تي پينل ڊسڪسشن ڪرائي وئي

*ملڪ جي مشهور فوڊ برانڊ ڊالڊا طرفان ڊجيٽل، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾“ منهنجو آواز تحريڪ ” جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن تحت معاشري ۾عورتن تي پابندين وارين روايتن تي اعتراض ڪيا ويا وڃن.

اها مهم پاڪستان جي تمام مائرن لاءِ آهي ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن تي پوندڙ خراب اثرن تي ضابطو آڻي سگهن.

ان سلسلي ۾ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾هڪ پينل ڊسڪسشن ڪرايو ويو، جنهن ۾مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن حصو ورتو جن جي رائي کي معاشري ۾اهميت حاصل آهي.

ان موقعي تي ايونٽ جي ميزبان عائشه طُور ڊالڊا جي نمائندن سان گڏوگڏ پينل جي ميمبرن جو پڻ تعارف ڪرايو.

پينل ميمبرن ۾اداڪارا آمنا شيخ، ثمينا پيرزادا، ثروت گيلاني، ماڊل ۽ ڊينٽسٽ ناديا حسين،يمي ممي نيٽورڪ جي مالڪ ۽ انفلوئنسر مشيل نائيڪ ۽ امينا ايساني شامل هئي.

ان موقعي تي مارڪيٽنگ ڊائريڪٽر ڊالڊا اساما محمود خان غوري چيو ته جتي ممتا اتي ڊالڊا هميشه سندن بنيادي يقين رهيو آهي.

ڊالڊا طرفان منهنجو آواز تحريڪ هڪ اهڙو قدم آهي جنهن سان معاشري ۽ نوجوانن کي متاثر ڪندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے