17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ڪراچي : فيشن پاڪستان، ڪرن فائونڊيشن ۽ سن سلڪ طرفان 100 ٻوٽا پوکيا ويا

*فيشن پاڪستان، ڪرن فائونڊيشن ۽ سن سلڪ جي تعاون سان هلندڙ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾لياري اندر هڪ سئو گليمر وڻن جا ٻوٽا لڳايا ويا.

لياري جي رهواسڻ مائره ميانجي لياري سينٽر ۾ٻوٽا لڳايا، جيڪا لياري جي عورتن کي مفت تعليم ڏئي رهي آهي.

مائره ميانجي سماجي ڪمن سبب ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا آهن ۽ کيس گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام “ يو اين ڊي پي ” پاران نوبل امن ايوارڊ لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو آهي.

وڻڪاري مهم جي پڄاڻي واري تقريب ۾مشهور شخصيتن، ڪرن فائونڊيشن جي باني صبينا کتري، فيشن پاڪستان جي سي اي او فيري ريوا نين، فيشن پاڪستان ڪونسل جي چيئرمين ديپڪ پيرواني، پ پ سينيٽر شيري رحمان، سن سلڪ جي برانڊ مئنيجر رابعا آفتاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪيترائي ٻوٽا لڳايا ويا، ان مهم ذريعي فيشن پاڪستان جو مقصد شهر کي سرسبز ۽ صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ هڪ سئو وڻ پوکڻ هيو.

ان موقعي تي صبينا کتري جو چوڻ هو ته هن جو لڳايل هر وڻ کيس لياري جي ٻارن جي ياد ڏياري ٿو، سندس دعا آهي ته لياري جا ٻار ۽ اهي وڻ عوام کي ڇانو فراهم ڪن.

ان موقعي تي ريوا نين جو چوڻ هو ته ان بنيادي قدم ذريعي سندن مقصد گرين ڪراچي ۾پنهنجو حصو شامل ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے