17 جمعرات , جنوری 2019

صوم زينب کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪندڙ جوابدار عمران کي ڦاهي چاڙهيو ويو

لاهور( ويب ڊيسڪ) قصور ۾ معصوم نينگري زينب سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهاري عمران کي ڦاهي ڏني وئي. زينب جي قاتل کي ڪوٽ لکپت سينٽرل جيل ۾ مجسٽريٽ عادل سرور ۽ زينب جي والد محمد امين جي موجودگي ۾ ڦاهي ڏني وئي. ڏوهاري عمران خان کي ڦاهي ڏيڻ واري وقت جيل جي چوڌاري سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي. عمران جو مڙهه وٺڻ لاءِ عمران جو هڪ ڀاءُ ۽ ٻه دوست ايمبولينس تي ڪوٽ لکپت جيل پهتا، جتي قانوني ڪاروائي کانپوءِ عمران جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.عمران جي خاندان جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ آخري ملاقات جو بندوبست گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو جتي عمران سان 45 منٽن تائين خاندان جي آخري ملاقات ڪرائي وئي. ڏوهاري عمران تي زينب سميت 8 نياڻين سان جنسي زيادتي جو الزام هو جنهن تي هن کي گڏيل طور تي 21 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هاڻ ڏوهاري جي سزا تي عمل درآمد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته قصور ۾ جنسي زيادتي کانپوءِ 7 ورهين جي زينب جي والد امين انصاري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڏوهاري کي سرعام  ڦاهي ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي پر اعليٰ عدالت اها استدعا رد ڪري ڇڏي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فواد چوڌري پنهنجي بيان تي گوڏا کوڙي ڇڏيا….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان تي مسلم ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے