21 بدھ , نومبر 2018

سرگوڌا ۾ بس ۽ اسڪول وين ۾ ٽڪر، ڊرائيور ۽ 6 شاگرد فوت

سرگوڌا (م ڊ) سرگوڌا ۾ مسافر بس ۽ اسڪول وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور ۽ 6 شاگرد فوت جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب سرگوڌا گجرات روڊ تي صبح سوير اسڪول وين، جيڪا ٻارن کي اسڪول کڻي وڃي رهي هئي، سامهون کان ايندڙ هڪ خانگي ڪمپني جي تيز رفتار مسافر بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 شاگرد ۽ اسڪول وين جو ڊرائيور ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 4 مسافر زخمي ٿي پيا جن کي ٽي ايچ ڪيو اسپتال ڀلوال منتقل ڪيو ويو، حادثي کانپوءِ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن وين جا دروازا ڪٽي زخمين ۽ فوتين جا لاش ٻاهر ڪڍيا ۽ اسپتال منتقل ڪيا. جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري حادثي واري هنڌ پهچي وئي. حادثي کانپوءِ مڇريل شاگردن بس کي باهه ڏئي ڇڏي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے