21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عارضي معطلي کانپوءِ يوٽيوب سروس ٻيهر بحال

YouTube says looking into reports of user access issuesڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ) مشهور ويڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن يوٽيوب جي سروس ڪجهه ڪلاڪن تائين معطل رهڻ کانپوءِ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻيهر بحال ٿي وئي آهي. واهپيدارن کي رات کان يوٽيوب استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون ۽ يوٽيوب ايپ کلڻ تي Internal server error 500 جو پيغام ملي رهيو هو. سروس جي معطلي تي ڪيئي واهپيدار ٽوئيٽر تي پنهنجي شڪايتن جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي واهپيدار مزاحيه ميمز پڻ شيئر ڪيون ۽ گڏ ئي ڪمپني کي تنقيد جونشانو پڻ بڻايو .يوٽيوب پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي يوٽيوب، يوٽيوب ٽي وي ۽ يوٽيوب ميوزڪ سروس معطل هئڻ جي شڪايتن کان آگاهه ڪرڻ تي واهپيدارن جا ٿورا مڃيا. ان سان گڏ ئي يوٽيوب سروس معطلي تي وهپيدارن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن تي معذرت ڪندي چيو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. يوٽيوب جي سروس پاڪستان سميت دنيا ۾هاڻ بحال ٿي چڪي آهي ۽ واهپيدار پنهنجي پسنديدا ويڊيوز مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Instagram ousting fake followers from accounts

انسٽاگرام طرفان ڪوڙن لائيڪن، تبصرن ۽ فالورن تي ڪڙي نظر  رکي ويندي

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) مشهور سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي ڪوڙن لائيڪن ۽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے