21 بدھ , نومبر 2018

ڏوهاري عمران کي ڦاهي معمولي سزا آهي: امين انصاري

Thousands of innocent criminals have been punished: Amin Ansariلاهور (ويب ڊيسڪ) جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيل قصور جي معصوم نياڻي زينب کي انصاف ملي ويو ۽ سندس والد محمد امين انصاري جو چوڻ آهي ته ڏوهاري عمران کي ڦاهي معمولي سزا آهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڏوهاري عمران کي ڦاهي ڏيڻ واري موقعي تي زينب جو والد محمد امين پڻ جيل پهتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي نياڻي جو قاتل پنهنجي انجام تي پهتو، عمران جهڙن وحشين کي اهڙي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي. محمد امين چيو ته اڄ انصاف جون گهرجون پوريون ٿي ويون، ڏوهاري عمران جي سزا تي مطمئن آهيان. زينب جي والد شڪايت ڪندي چيو ته ڏوهاري کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو  جيڪڏهن ڦاهي ناهي ڏيڻي تي ان قانون کي ئي ختم ڪيو وڃي. امين انصاري پنهنجي ڌيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته زينب جيئري هجي ها ته اڄ 7 سال ۽ ٻن مهينن جي هجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے