22 جمعہ , فروری 2019

نيب اختيارين جي ايف اي ٽي ايف وفد کي بريفنگ

FATF Asia-Pacific Group to hold follow-up talks with NAB today

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فناشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) ايشيا پيسيفڪ گروپ جي پاڪستان  سان ڳالهيون جاري آهن جنهن دوران قومي احتساب بيورو ( نيب) جي اختيارين مني لانڊرنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ايف اي ٽي ايف ايشيا پيسيفڪ گروپ جو پاڪستان ۾اڄ ڏهون ڏينهن آهي. اختيارين جي انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽن سان ٻيو ڀيرو ملاقات ٿي آهي جڏهن ته صوبائي عدالتن ۽ اٽارني جنرل طرفان پڻ ايشيا پيسيفڪ گروپ جي وفد کي بريفنگ ڏني وئي. ايشيا پيسيفڪ گروپ جو وفد اڄ اسٽيٽ بئنڪ ۽ پرڏيهي وزير سان پڻ ٻهير ڳاليهون ڪندو جنهن ۾ دشتگردي جي مالي مدد روڪڻ سميت ٻين معاملا غور هيٺ آندا ويندا. جڏهن ته ريئل اسٽيٽ اجنٽن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي اختيارين سان پڻ ملاقاتون ايجنڊي ۾ شامل آهن. ان کان اڳ 8 آڪٽوبر تي ايشيا پيسيفڪ گروپ سان ٿيندڙ ڳالهين دوران پاڪستان وفد جي سوالن جا جواب ڏيندي آگاهه ڪيو هو ته گڏيل قومن جي هدايتن موجب دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جا سمورا فيصلا ٿي چڪا آهن. ايف اي ٽي ايف ايشيا پيسيفڪ گروپ پاڪستاني اختيارين سان 19 آڪٽوبر تائين ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ 21 آڪٽوبر تي پنهنجي رپورٽ ايف اي ٽي ايف کي پيش ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا بليڪ لسٽ ڪرڻ جون سفارشون مرتب ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڍاڪا ۾ باهه جو واقعو: پاڪستان جو افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڍاڪا ۾ موجود عمارت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے