22 جمعہ , فروری 2019

ڇا سرمائيداري ئي انسان ذات جو معراج آهي؟

عبدالخالق جوڻيجو

آرٽس ۽ سائنس، ٻنهي علمن اهو ٻڌايو آهي ته شيون ڪامل مطلق Absolute  نه پر نسبتي Relative هونديون آهن، اهي ننڍيون يا وڏيون، سٺيون يا خراب، تيز يا آهستي، طاقتور يا ڪمزورنسبتي هونديون آهن. اهو ئي اصول انساني سماج تي به لاڳو ٿئي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ايندڙ تبديلين تي پڻ، اهڙي طرح ئي مختلف سياسي نظرين ۽ نظامن کي ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو، ڏسڻ ۽ پرکڻ کپي ته انهن جي اهميت ۽ افاديت انساني سماج ۾ ڪيتري آهي ۽ سماج جي ترقي ۽ بهتريءَ ۾ انهن جو ڪردار ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي.

دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف وقتن تي مختلف نظام رهيا آهن. جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ويو ته مختلف خطن جا نظام هڪ ٻئي سان ملندا ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا ويا. ڪنهن وقت هڪڙي ملڪ جي نظام جي ٻئي ملڪ تائين پهچڻ جو مکيه ذريعو جنگيون ۽ حملا هوندا هئا ۽ ڪي قدر مذهبي تبليغ جنهن جو اثر صدين ۾ ٿيندو هئو پر جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي وئي ۽ مواصلات جو نظام بهتر ٿيندو ويو ۽ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا ته مختلف ملڪن جي ماڻهن جا سماج جي ترقيءَ بابت خيال ۽ انهن خيالن کي عملي شڪل ڏيڻ جي جدوجهد تيزيءَ سان سرحدون پار ڪرڻ لڳي. اهڙي طرح هٿيارن سان گڏ خيالن (نظرين) جا ٽڪراءَ به ٿيندا ويا، نتيجي ۾ مختلف نظامن جي وچ ۾ جنگ عالمگير حيثيت حاصل ڪندي ويئي.

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا ٻن عالمگير نظامن جي وچ ۾ مقابلي جو ميدان بڻجي سامهون آئي، هڪڙو سرمائيداري جنهن جي ڪشش ثقل (Gravity) جو مرڪز پئسو هئو ۽ ٻيو ڪميونزم جنهن جي محرڪ قوت پورهيو هئو. سرمائيداري صدين کان دنيا تي غالب ۽ قابض هئي، جڏهن ته ڪميونزم اهو قبضو ڇڏائڻ ۽ غلبو ختم ڪرائڻ جي جستجو ۾ ميدان ۾ آيو هئو، انهن وچ ۾ سڌو مقابلو ۽ جنگ (جنهن کي سرد جنگ چيو ويو) 45 سال هلي، ان جنگ ۾ مذهبي ڌرتيون (مسلمان، عيسائي، يهودي، هندو، ٻڌ ۽ ٻيا) سرمائيداريءَ جي پاسي هيون.

91-1990 ۾ دهل جي ڏونڪي تي اعلان ڪيا ويا ۽ جشن ملهايا ويا ته ڪميونزم جي مڪمل شڪست ٿي وئي ۽ سرمائيداريءَ جي حتمي فتح، ان سان گڏ اهو به دليل ڏنو ويو ته انهيءَ فتح ۽ شڪست مان ثابت ٿي ويو ته ڪميونزم غلط هئو ۽ سرمائيداري صحيح ۽ هاڻي انساني معراج طور سرمائيداري سدائين ايئن غالب ۽ ڪامياب رهندي. ان دليل کي انهن همراهن جي سوچ ۽ ڪردار به هٿي ڏني جيڪي وري ڪميونزم کي هڪ مڪمل نظام ۽ انسان ذات جي اعليٰ ترين منزل قرار ڏيندا رهيا. حقيقت اها آهي ته سڀني نظامن جي بهتري وقت ۽ حالتن جي حساب سان نسبتي هوندي آهي. امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ جو دهل سرمائيدار ملڪ (نئين ترقي يافتا ميڊيا ذريعي) وڏي زور سان وڄائي رهيا هئا، جڏهن ته اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن جا تمام گهڻا ماڻهو به اوتري ئي زور سان جهمريون پائي رهيا هئا، سنڌيءَ جي چوڻيءَ وانگر ته ”پرائي دهل تي احمق نچي“ يا اهو ته ”دهل وڄي ۽ دوسو بيهي؟“ جديد دور جي جنگ ۾ سرمائيدارن جي اهم (شايد اهم ترين) هٿيار ميڊيا کان متاثر ٿي ”ويچارا“ سمجهي رهيا هئا ته هاڻي انهن وٽ ”بجليءَ جو بٽڻ کلندو“ ۽ سندن ”چارئي طبق روشن“ ٿي ويندا، کين آزادي ملي ويندي، غربت ختم ٿي ويندي ۽ امن ۽ خوشحالي هر طرف نظر ايندا.

اٽڪل اڌ صديءَ تائين مغربي ميڊيا جي تان اتي ٽٽندي هئي ته ”دنيا ۾ آمريت، جنگ، بدامني، غربت ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ ڪميونزم آهي ۽ ان جو مرڪز سوويت يونين“ تنهن ڪري دنيا ۾ آزادي، امن، خوشحالي ۽ ترقي آڻڻ لاءِ ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ ۽ سوويت يونين کي ڊاهڻ ضروري هئو، ان مهم تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ ۽ ڪروڙين انسانن کي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ ٻيو ڪجهه ٿيو نه ٿيو پر سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ سرد جنگ جو خاتمو ٿيو.

سرد جنگ جي خاتمي کي اٽڪل 30 سال گذريا آهن، يعني سرد جنگ واري عرصي جو 3/2 وقت مناسب ٿيندو ته ٻنهي دورن جي نسبتي صورتحال تي هڪ سرسري نظر وڌي وڃي. سرد جنگ جي خاتمي جو پهريون ۽ سڀ کان چٽو نتيجو جنهن کي ”انڌو به ڏسي سگهي“ سو اهو نڪتو آهي ته ”گرم جنگ“ شروع ٿي وئي آهي. افغانستان، عراق، شام، لبيا، يمن، صوماليا ۽ ٻين هنڌن تي سالن (اڃا به ڏهاڪن) کان ڏينهن رات بارود جي باهه جي وسندڙ برسات جيڪا انساني، مادي ۽ مالي تباهي آندي آهي، اهڙي ٻن عالمي جنگين کان پوءِ دنيا نه ڏٺي هئي. بلڪه جديد ۽ وڌيڪ خطرناڪ هٿيارن هئڻ سبب ڪن حالتن ۾ ته ان کان به وڌيڪ تباهي ٿي آهي. حقيقت اها آهي ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اهڙي گرم جنگ کي روڪيو ئي ”سرد جنگ“ هئو. سرمائيدارن جو سردار آمريڪا ٽن ڏهاڪن کان فيل مست هاٿي بڻيو دنيا جي جيڪا ڀيل ۽ ڀينگ ڪندو ٿو وتي، سوويت يونين جي هوندي ان جو تصور به ممڪن نه هئو. اهو اتفاق آهي يا نه ته مثال ڏنل سڀئي ملڪ (اڌ يمن کان سواءِ) سرد جنگ دوران سوويت يونين جا اتحادي هئا.

ها، باقي اهو اتفاق ناهي ته اهي سڀئي مسلمان اڪثريت وارا ملڪ آهن، ان ڪري ته سرد جنگ کان پوءِ دنيا تي پنهنجي يلغار ۽ بالادستي خاطر ۽ پنهنجي ازدها جيڏي جنگي صنعت کي جاري رکڻ خاطر ۽ مجموعي طور پنهنجي معتبرائپ مڃرائڻ خاطر آمريڪا کي ڪنهن ڀوت جي ضرورت هئي. اهو هن ”اسلامي شدت پسندي“ کي بڻايو، هاڻي اهو سوال پاڪستان سميت مسلم ملڪن جي ساڄي ڌر وارن کان پڇڻ گهرجي ته ڪميونزم خلاف مهم ۽ سوويت يونين خلاف جنگ ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو اتحادي بڻجي انهن صحيح ڪيو يا غلط. پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏسجي ته اڄ به جڏهن اهي بظاهر هڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻيل آهن، آمريڪا ۽ مذهبي انتهاپسند هڪ ٻئي جا اتحادي آهن، پوءِ اهو کڻي اڻ سڌي طرح ئي سهي. آمريڪي يلغار ۽ بدمعاشي مذهبي انتهاپسنديءَ کي خوراڪ ٿي مهيا ڪري ته وري انتهاپسندن جون ڪارروائيون موٽ ۾ وڌيڪ آمريڪي يلغار ۽ بدمعاشي لاءِ جواز ٿيون بڻجن، سنڌي چوڻيءَ مطابق ته ”هئا اڳي ئي هڪ پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“.

سياست نه رڳو معاشي ۽ معاشرتي زندگيءَ کي متاثر ڪندي آهي پر انهن ميدانن ۾ جنگ جو اهم هٿيار هوندي آهي. اها حقيقت سرد جنگ واري دور ۽ اڄوڪي سرمائيداراني هڪ هٽيءَ جي ڀيٽ مان چڱي نموني نظر اچي ٿي. جيڪي ملڪ سڌو سوشلسٽ نظام هيٺ هئا اتي سڀني ماڻهن جون روزگار، اٽي، لٽي، اجهي، تعليم ۽ صحت جهڙيون بنيادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون. ان جي نتيجي ۾ گداگري، جسم فروشي ۽ اسٽريٽ ڪرائم جهڙيون معاشرتي بيماريون نه هجڻ جي برابر هيون. ان صورتحال جا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح نه پاڪستان ۽ هندستان جهڙن ايشيا، وچ اوڀر ۽ ٻين خطن جي ملڪن تي به پيا. اتان جي عام ماڻهن جي معاشي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ ان وقت ۽ اڄ جي فرق کي وڏي عمر جا اهي ماڻهو چڱي طرح ٻڌائي ٿا سگهن جن ٻئي دور اکين سان ڏٺا آهن. باقي سرمائيداريءَ جي ڦرلٽ تي پلجندڙ ميڊيا اهڙو پروپيگنڊا جو طوفان اٿاريو آهي، جيئن نئين نسل کي ٻيو ڪجهه ڏسڻ، ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي مهلت ئي نه ملي. وڏا وڏا روڊ ۽ ايئرپورٽ، عاليشان اسپتالون، آمريڪا/يورپ جي نموني ۽ نالن وارا تعليمي ادارا ۽ ميگا پراجيڪٽ ٺاهي پوءِ پگهاردار دانشور ۽ ليکڪ ذريعي ٻڌايو وڃي ٿو ته ”ڏسو ڪيڏي ترقي ٿي آهي“ هڪ سئولو، سادو ۽ مختصر سوال ان ”ترقي“ جو ڀانڊو ڦاڙيو ٿو ڇڏي، انهن سمورين سهولتن تائين آباديءَ جي ڪيترو سيڪڙو ماڻهن جي پهچ آهي؟ عراق ۽ لبيا جي عام ماڻهن جو معيار زندگي سعودي عرب سميت سڄي وچ اوڀر جي ماڻهن کان مٿانهون هئو. اڄ سرمائيداراڻي يلغار جي نتيجي ۾ اهي انتهاپسندي، دهشتگردي، قبائلي، جنگيون، بيروزگاري، بک، بيماري ۽ سڀ کان وڌيڪ سياسي ۽ جاگرافيائي چير ڦاڙ جو شڪار آهن پر مجال آجو ”آزاد ميڊيا“ ۽ ترقيءَ جا گيت ڳائيندڙ ليکڪ دانشور ان تباهي ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪن.

ٻي جيڪا سرمائيداريءَ جي ”بي مثال“ خوبي ۽ خاصيت ٻڌائي وڃي ٿي سا آهي ايمانداري، اهليت ۽ شفافيت. ان جي اصليت اها آهي ته سڀ کان وڏي سرمائيدار ملڪ آمريڪا جي عالمي اهميت ۽ شهرت رکندڙ ڪمپنيون Enron, World Tel ۽ شايد دنيا جي سڀ کان وڏي انشورنس ڪمپني AIG ايڪويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي دوران اوچتو ويهي ويون. خبر پئي ته انهن جا چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ڪيترن سالن کان اربين ڊالرن جي ڪرپشن ڪندا رهيا هئا، ان جي باوجود ته دنيا جا ”انتهائي مڃيل اهل ۽ ايماندار“ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ انهن جي آڊٽ ڪندا ۽ کين شفافيت جا سرٽيفڪيٽ ڏيندا رهيا هئا. دراصل 9-2008 وارو عالمي اقتصادي بحران اهڙين ئي ڪمپنين ۽ ڪارپوريشن جي ڪرپشن، بي ايماني ۽ نااهليءَ جو نتيجو هئو جنهن کي منهن وري سوشلزم جي طريقي يعني حڪومتي مداخلت ۽ امداد ذريعي ڏنو ويو.

سوويت يونين جي اڳواڻيءَ واري سوشلسٽ بلاڪ ڊهڻ جا هڪڙا سڌا ۽ ٻيا وري اڻ سڌا اثر ٿيا آهن. مغربي يورپ جي مشهور فلاحي رياست (Welfare State) ان جو هڪڙو مثال آهي. ان تحت عام شهرين کي سهولتون ان خوف ۾ ڏنيون ويون هيون ته ٻي صورت ۾ متان اهي سوشلزم ڏانهن نه رخ رکن. هاڻي جڏهن اهو خوف ۽ خطرو ٽري ويو آهي ته سادگي ۽ استحڪام جي نالي ۾ اهي سڀ سهولتون ۽ رعايتون آهستي آهستي واپس ورتيون پيون وڃن.

ويجهڙائيءَ ۾ سرمائيداريءَ جي تخليق آهي ”غريبي گهٽايو مهم“ ان کان وڌيڪ مضحڪه خيز ۽ انسانن جي توهين ڪندڙ جملو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. هڪڙي همراهه ٻئي کان پڇيو ته ”فلاڻي سن ۾ جيڪا وبا (وڏي بيماري) پئي هئي سا ياد اٿئي؟ ٻئي وراڻيو ”اها وڌي ڪنهن هئي؟“ (معنيٰ مون ئي ته وڌي هئي). سو اها غربت پيدا ڪيل ڪنهن جي آهي؟ غريب ۽ امير وچ ۾ هڪ سئو جي ڀيٽ ۾ هڪ ارب جيترو زمين آسمان جهڙو فرق صرف سرمائيداريءَ پيدا ڪيو آهي. ڪروڙين انسان ڪنگال ٿين ٿا، تڏهن چند فرد امير ٿين ٿا. پوءِ وري اهي غريبي گهٽائڻ لاءِ خيرات ڏين ٿا. ڪڏهن خيرات سان غريبي ختم ٿي آهي؟

سوشلزم سميت ڪو به نظام مڪمل ناهي پر سٺو ۽ خراب نسبتي ٿئي ٿو ۽ ان جي پرک (ڪسوٽي) اها آهي ۽ هجڻ کپي ته انسانن جي اڪثريت کي ڪهڙي نظام مان وڌيڪ فائدو آهي ۽ نقصان گهٽ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے