13 منگل , نومبر 2018

آڪٽوبر انقلاب، اميدون ٽٽيون ناهن…

انسان ذات جڏهن کان شعوري طور تي هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان ڪيئي جنگين ۾ مصروف آهي، پوءِ اها جنگ، جهنگ جي خوني ۽ وحشي جانور سان هجيس يا فطرت جي تباهه ڪندڙ لقائن سان هجيس، انسان، فطرت ۽ جانور تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تائين هڪ ٻئي سان اهڙي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهيا آهن جيڪا فقط ۽ فقط پنهنجي بچاءَ لاءِ پئي ٿيندي رهي آهي، بچاءَ جو مقصد زندگيءَ جي بقا آهي، انهيءَ جنگ ۾ انسان فطرت جي قهري لقائن سان مقابلو ڪري پاڻ کي محفوظ بڻائيندو رهيو آهي ۽ وري جهنگ جي جانورن سان جنگ ڪري پنهنجي زندگي بچائيندي رهيو آهي، انسان جي اهڙي جنگ تيستائين جاري پئي رهي آهي جيستائين انسان شعوري طور تي سماجي زندگي گذارڻ جي لائق نه ٿيو آهي. ان بعد انسان جي جنگ ته اُها ئي جاري رهي پر ان جا محرڪ ۽ محور مٽجي ويا، هاڻي انسان جهنگ جي جانورن سان نه پئي وڙهيو ۽ نه ئي فطرت جي قهري لقائن سان پئي جهيڙيائين، پر هاڻي انسان پاڻ جهڙي انسان سان معاشي ۽ سماجي آزديءَ لاءِ جنگ پئي ڪئي، هي دور انسان جي زندگيءَ جو انتهائي اهم دور هيو جنهن حقيقي طور تي هڪ جهنگ جي رهواسيءَ کي هڪ شهر جو ماڻهو بڻائي ڇڏيو، بعد ۾ ان ماڻهوءَ علم، شعور ۽ سمجهه جون ڪيئي منزلون طئه ڪري پاڻ کي انسان بڻائي ورتو ، انسان جي اهڙي جدوجهد اڃان هلندي آهي..

انسان پنهنجي شعورجڻ بعد جيڪي جنگيون ڪيون آهن انهن ۾ سماجي انصاف لاءِ جنگ، اقتصادي وسيلن لاءِ جنگ ۽ پنهنجي مادر وطن جي آزاديءَ ۽ دفاع لاءِ جنگ اهم جنگيون رهيون آهن، اسان جيڪڏهن تاريخ جي ورقن تي نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي اهڙيون انيڪ جنگيون ملنديون جن ۾ ڪمزور انسانن پنهنجي سماج جي بالادست طبقي خلاف جنگ پئي آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجن انساني حقن ۽ سماجي رتبي ۽ وقار لاءِ جنگ پئي ڪئي آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي تاريخي علائقي، خطي ۽ وطن جي دفاع لاءِ جنگ پئي ڪئي آهي. پر انساني تاريخ ۾ اُهي جنگيون تمام گهڻيون ياد رکيون وڃن ٿيون جيڪي مجموعي طور تي انساني ڀلي، وقار ۽ انساني آجپي لاءِ وڙهيون ويون هجن اهڙين جنگين ۾ اسان کي پيرس ڪميون جي جنگ ملي ٿي، شڪاگو جي شهيد مزدورن جي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جنگ ملي ٿي، اهڙين جنگين ۾ اسان کي روس جي مزدورن ۽ پورهيتن جي بالشويڪ انقلاب جي روپ ۾ جنگ ملي ٿي، جنهن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو.

17- آڪٽوبر 1917ع جو روسي انقلاب حقيقي طور تي دنيا جو هڪ اهڙو انقلاب هيون جنهن پهريون دفعو پيڙيل طبقي جي مزدورن ۽ پورهيتن کي نه فقط اهو احساس ڏياريو ته اوهان پنهنجي محنت جا مالڪ پاڻ آهيو پر ان کان اڳتي وڌي ان انقلاب انهيءَ پيڙيل طبقي کي حقيقي طور تي پنهنجن وسيلن ۽ پنهنجي حڪومت جو مالڪ بڻايو ، اهو دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون مثال هيو.

روسي انقلاب اصل ۾ دنيا جي عظيم ڏاهي ڪارل مارڪس جي انهيءَ نظرئي جو ثمر هو جنهن ۾ هُن پنهنجين مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي اهو ثابت ڪيو هو ته “ سرمائي جو اصل ڌڻي اهو آهي جيڪو ان کي محنت ڪري جنم ڏئي ٿو”، تنهنڪري ان نعرو هنيو ته “ دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃو” ڪارل مارڪس جي اهڙي پورهيت دوست نظرئي کي مارڪس جو نظريو چيو ويو ۽ ان نظرئي جي بنياد تي ٿوري ئي وقت اندر دنيا جي اڻ ڳڻين ملڪن ۾ انقلاب برپا ٿي ويا ۽ اتي مزدرون ۽ هارين جون حڪومتون قائم ٿي ويون، اهڙن ملڪن ۾ روس جو مثال انتهائي اهم آهي ۽ ٻئي نمبر تي چين ۽ ٽين نمبر تي ويٽنام جو مثال آهي، 17- آڪٽوبر واري روسي سوشلسٽ انقلاب جهڙوڪر سموري انسانيت کي عزت، خوشحالي ۽ امن سان جيئڻ جو هڪ رستو ڏيکاري ڇڏيو. روسي انقلاب بعد ٽيهن سالن اندر دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي ويا ۽ انهن ملڪن گڏجي ڪري سامراجي ملڪن سان مقابلي لاءِ هڪ سوشلسٽ ملڪن جو هڪ بلاڪ جوڙي ورتو.

بدقسمتيءَ سان 1980ع – 1990ع جي ڏهاڪي دوران روس ۾ قومي تضاد ڪر کنيو جنهن  ڪري ان وقت روس جي صدر گورباچوف کي اها ضرورت پيش آئي ته روس ۾ قومي سوال جي بنياد تي امڪاني طور تي ٿيندڙ هڪ وڏي خانه جنگيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪي ٺوس نظرياتي اپاءَ کڻڻ جي ضرورت آهي، انهيءَ ڏس ۾ هُن ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر سڌارا آڻڻ لاءِ پريستروئڪا ۽ گلاسونوسٽ جي تحريڪ هلائي سندس تحريڪ جي نتيجي ۾ گڏيل سويت يونين الڳ الڳ 15 / خودمختيار رياستن ۾ ونڊجي ويو ۽ سوويت يونين جو قومي تضاد پر امن نموني پنهنجي منطقي نتيجي تي پهتو. سوويت يونين کان الڳ ٿيندڙ رياستون اڄ به هڪ وفاق جي صورت ۾ گڏ آهن.

ظاهر آهي انقلاب ڪافي بهتريون آڻيندا آهن پر انهن منجهه ڪجهه خاميون به ضرور رهنديون آهن، مارڪس جي سوشلسٽ فڪر کي جنهن کي مارڪس ازم چيو ويو، اهڙي ئي نموني لينن جي لازوال لکڻين کي لينن ازم چئي انهن کي مارڪس ازم جو حصو بڻائي دنيا ۾ پيش ڪيو ويو، لينن جي اهڙي فڪري سوچ جنهن تحت هُن قومي آزادي ۽ قومي حقن جي ڳالهه ڪئي هُئي، مخالفن سندس اهڙي سوچ کي مزدورن جي  ٻڌيءَ  ۾ ڏار وجهڻ جي برابر سمجهيو، پر قومي سوال جي تضاد تي سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد سڄي دنيا تسليم ڪري ورتو ته قومي خودمختياريءَ جي حوالي سان لينن جو موقف سو فيصد درست هيو جنهن کي روسي قيادت تسليم نه ڪري سوويت يونين ٽوڙي ڇڏيو. اڄ دنيا ۾ مارڪس جي انهيءَ نعري، “ دنيا جا مزدورو گڏ ٿي وڃو”، ۾ اضافو ڪري لينن جي قومي سوال جي موقف جي درست ٿيڻ بعد هاڻي دنيا انهيءَ نعري کي هن طرح سان ورجائي رهي آهي، “دنيا جا مزدورو ۽ مظلوم قومون گڏ ٿي وڃو”. اسين سمجهون ٿا ته سوويت يونين جو ٽٽڻ نه ته مارڪس ازم جي شڪست آهي ۽ نه ئي روس ۾ حڪومتي زوال لينن جي شڪست آهي، سوشلزم هڪ ٺوس سماجي، معاشي ۽ سياسي نظريو آهي جنهن ۾ وقت سر اضافا ٿيندا رهن ٿا، اڄ به دنيا جي اڻ ڳڻين ملڪن ۾ سوشلسٽ فلسفي تحت حڪومتون قائم آهن ۽ اڄ به دنيا ۾ سوشلسٽ معيشت جي ڪيترن ئي نموني ڪم ڪري انسانيت کي فائدو ڏئي رهيا آهن.

اڄ به دنيا ۾ “ مارڪس ازم” ۽ لينن ازم” جي فڪر جو مطالعو ٿئي ٿو ۽ اڄ به دنيا ۾ جيڪي ڪتاب سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا انهن ۾ داس ڪيپٽيل پڻ شامل آهي، اڄ به دنيا ۾ پيڙيل طبقي جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد هلي رهي آهي جنهن کي دنيا ۾ پيڙيل قومن جون هلندڙ قومي آزاديءَ جون تحريڪون سگهه بخشي رهيون آهن. آڪٽوبر انقلاب بعد انسانيت جي آزاديءَ لاءِ پيدا ٿيل اميدن جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي آڪٽوبر بجاءِ ڪنهن سيپٽمبر انقلاب جي اميد باقي آهي، اميدون ٽٽيون ناهن…

اربع 17 آڪٽوبر 2018ع، 7 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے