18 پیر , فروری 2019

استادن کي هٿڪڙيون هڻڻ تي ايڊيشنل ڊي جي نيب معطل، جاچ ٽيم به تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال پنجاب اسيمبلي جي وي سي کي هٿڪڙي لڳائڻ تي نيب لاهور جي ايڊيشنل ڊي جي کي معطل ڪري ڪيس جي جاچ ٽيم کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مجاهد ڪامران کي نيب 11 آڪٽوبر تي حراست ۾ ورتو هو ۽ قومي احتساب بيورو طرفان اڳوڻي وي سي سميت ٻين استادن کي به هٿڪڙيون لڳائي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن جو چيف جسٽس نوٽيس ورتو هو. جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب لاهور آفيس جو دورو ڪيو، جتي هن ميگا ڪرپشن ڪيسن ۽ نيب لاهور جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي. ان موقعي تي پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت پيش ڪرڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو ۽ نيب چيئرمين ان حوالي سان انڪوائري رپورٽ تي نيب لاهور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل محمد رفيع کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. نيب پڌرائيءَ موجب انڪوائري رپورٽ ۾ پنجاب پوليس جي اي ايس آءِ کي به معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن نيب چيئرمين سان پنجاب يونيورسٽي جي پروفيسرن تي ٻڌل وفد به ملاقات ڪئي، جنهن دوران نيب چيئرمين کين ڀرپور انصاف جي خاطري ڪرائي. جاويد اقبال جاچ ٽيم کي تبديل ڪري ڪيس نئين انويسٽيگيشن ٽيم حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے