17 جمعرات , جنوری 2019

فواد خان ۽ عمران عباس دنيا جي 100 پرڪشش مردن لاءِ نامزد

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليوارن اداڪارن فواد خان ۽ عمران عباس کي دنيا جي 100 پرڪشش مردن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي خوبصورت اداڪارن کي عمران عباس ۽ فواد خان کي هلندڙ سال دنيا جي 100 پرڪشش مردن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عمران عباس اهو اطلاع انسٽاگرام تي ڏيندي چيو ته مون کي دنيا جي 100 پرڪشش مردن جي هڪ فهرست ۾ شامل ڪري پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، اها مون لاءِ ڏاڍي خوشي جي خبر آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ به عمران عباس کي انڊپينڊنٽ ڪرٽيڪ نالي ويب سائيٽ طرفان 2018ع جي 100 خوبصورت چهرن لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. فهرست ۾ عمران عباس ۽ فواد خان کانسواءِ هالي ووڊ اداڪار ڊينيئل ريڊڪلف، بريڊ پٽ، ايان سمر هالڊر، ليونارڊو ڊي ڪيپريو، ريٿڪ روشن ۽ فٽبالر ليونل ميسي شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”تماشه“ کان پوءِ دپيڪا ۽ رنبير ٻيهر گڏ نظر ايندا يا نه مداحن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي حوالي سان اڳڪٿيون آهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے